پروين رند ڪيس ۾ ڪچو چالان پيش، فيصلو محفوظ، غلام مصطفيٰ راجپوت جوابدار نامزد ٿيو آهي: نياڻي

نوابشاهه(رپورٽ ايم بي چانڊيو+ فياض چنڊ ڪليري)  پيپلزميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاھ جي ھائوس جاب پاس ڪندڙ بي ايس نرسنگ جي شاگردياڻي پروين رند جڊيشل ميجسٽريٽ ون عامر لطيف ڀٽي جي عدالت ۾ پيرين اُگھاڙي پيش ٿي پروين رند معاملي جي حوالي سان انڪوائري آفيسر ڊي ايس پي اشتياق آرائين به ساڳي عدالت ۾ پيش ٿيو انٽريئم چالان پيش ڪيو ويو عدالت سڳوري جي جج فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو پروين رند عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته  مون عدالت مان انصاف جي اُميد آھي ۽ اڄ مظلوم نياڻين جي فتح ٿي آھي انڪوائري آفيسر ڊي ايس پي اشتياق آرائين مونکي هراسان ڪندڙ مُک جوابدار نرسنگ جي ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ راجپوت کي انڪوائري رپورٽ ۾ ڏوھي قرار ڄاڻايو آھي پر مونکي پوليس تي يقين نه آھي ڇو ته منھنجا جوابدار گرفتار نه ٿيندا پروين رند جي وڪيل عبدالحفيظ کوسو ڳالھائيندي چيو ته انڪوائري آفيسر جيڪا رپورٽ پيش ڪئي آھي ان ۾ غلام مصطفيٰ راجپوت کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آھي ۽ رپورٽ ۾ ان خلاف واضح شاھديون آھن ته پروين رند جي هراسمينٽ ۾ ھي ملوث آھي جڏھن ته پيپلزميڊيڪل يونيورسٽي جي 3 ليڊيز ڊاڪٽرياڻين خلاف انويسٽيگيشن جاري آھي ھن چيو ته ميجسٽريٽ ون عدالت جي جج فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آھي ھاڻي عدالت جي مرضي آھي ته فيصلو ڪڏھن ٿو اچي ان موقعي تي پروين رند جي چاچي علي نواز رند ڳالھائيندي چيو ته  نوابشاھ جي پوليس انڪوائري آفيسر مريم ڀُرٽ جوابدارن سان ملي ڀڳت ڪري انھن جو ساٿ ڏنو ۽ انڪوائري صحيح نه ڪئي ان ڪري ھي انڪوائري ٽنڊو آدم جي ڊي ايس پي اشتياق آرائين کان ڪرائي وئي جنھن ڪري اڄ ان عدالت جي فيصلي تي اسان کي فتح ٿي آھي ۽ مُک جوابدار غلام مصطفيٰ راجپوت ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آھي اڳتي به اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد آھي ۽ اڄ سنڌ جي مظلوم نياڻين جي فتح ٿي آھي، جڏھن ته ميڊيا پاران جوابدار غلام مصطفيٰ راجپوت کان موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ھو ميڊيا کي موقف ڏيڻ جي خوف کان ھميشه وانگر ڪيٻائي عدالت مان فرار ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.