بازاري پارٽي وانگر پنهنجي قميت نه لڳائينداسين: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (رپورٽر)پاڪ سرزمين پاڪستان پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جي حڪومت آئي ته اسان بازاري پارٽي وانگر پنهنجي قميت نه لڳائينداسين، احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان هن رياست جي لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي جيڪو عمران سان گڏ آهي ته اهو امرالمعروف آهي، باقي منڪر ۽ غدار آهن! هن چيو ته الله جو وڏو احسان آهي ته سڄي ملڪ ۾ خان صاحب جو ڪردار واضع ٿي ويو آهي. عمران خاب جي سوچ مان ثابت ٿي ويو ته هو پاڪستان جي ڪنهن به عهدي جي قابل نه آهي، ان کان اڳ مصطفيٰ ڪمال سميت ٻيا ڪلفٽن جي سمنڊ جي ڪناري سرڪاري زمينن جي غير قانوني الاٽمنٽ واري ڪيس ۾ لنڪ جج جي عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت بغير ڪارروائي جي ڪيس جي ٻڌڻي 30 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

ڪراچي ۾ دهشتگرد هوٽل ۾ ويهي ريموٽ سان ڌماڪو ڪيو: جاچ رپورٽ

ڪراچي (رپورٽ :حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ صدر واري علائقي ۾ دهشتگردن جي هڪ ٻي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي وئي آهي، وڊيو ۾ مبينا دهشتگرد کي 10:23 تي ڏسي سگهجي ٿو . تفصيل موجب جاچ ادارن پاران هٿ ڪيل سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو  ته هڪ نيري شاپنگ بيگ هڪ سائيڪل ڪيريئر تي، مبينا طور تي هڪ نيري شاپر ۾ ڌماڪيدار مادو آهي، ٻئي طرف شروعاتي جاچ ۾ هوٽل تي ويهندڙ جوابدار ئي دهشتگرد ثابت ٿيو آهي، جوابدار ڪارا ڪپڙا پاتل سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي ويا آهن . هن پهريان پنهنجي سائيڪل هوٽل جي ڀرسان پارڪ ڪئي ۽ پنهنجي سائيڪل کي مخصوص رينج ۾ پارڪ ڪيو ۽ دهشتگرد هوٽل جي بينچ تي ويهي رهيو، موقعو ڏسي جوابدار اٿيو ۽ بٽڻ دٻائي پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو. ريموٽ ڪنٽرول جو بٽڻ دٻائڻ سان ئي ڌماڪو ٿيو ۽ جوابدار فرار ٿي ويا.جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي ايجنسين جي ملوث هجڻ کي رد نٿو ڪري سگهجي، هڪ کان وڌيڪ پابندي مڙهيل تنظيمون ملوث ٿي سگهن ٿيون .

ڪراچي صدر ڌماڪي دوران نينگري جي اغوا جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي صدر ڌماڪي ۾ 15 ورهين جي نينگري جي اغوا جو انڪشاف ٿيو آهي، ڀاءُ ياسر جي فرياد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب ڪراچي جي صدر واري علائقي مان 15 ورهين جي نينگري جي مبينا اغوا جو انڪشاف ٿيو آهي. پريڊي پوليس ڀاءُ ياسر جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، ڀاءُ بيان ۾ چيو ته منهنجي زال، ڀيڻ ۽ ماءُ پنجاب ڪالوني مان ڪجهه شاپنگ ڪرڻ آيا هئا. فريادي جو چوڻ هو ته ڌماڪي سبب ڀاڄ پئجي وئي، ماءُ هيٺ ڪري بيهوش ٿي ويس پندرهن يا 20 منٽن کانپوءِ جڏهن ماءُ کي هوش آيو ته سندس ڀيڻ سويرا غائب هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته نامعلوم ماڻهن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي جي مصروف ترين علائقي صدر ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو هو ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. ڌماڪي ۾ ڪيترين ئي گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن کي نقصان پهتو، شروعاتي اطلاعن موجب ڌماڪو موٽرسائيڪل ۾ نصب ڪيو ويو هو .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.