ڪراچي ۾ ٻيو ڌماڪو سيڪيورٽي ليپس آهي: جماعت اسلامي

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ چيو آهي ته ڪراچي ۾ هڪ مهيني ۾ ٻيو ڌماڪو شهر ۾ موجود وڏي انگ ۾ رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن لاءِ فڪر جو لمحو آهي، صوبائي حڪومت صدر جي علائقي ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ ملوث دهشتگردن ۽ انهن جي اصل سرپرستن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته صدر واري علائقي ۾ ڌماڪي سيڪيورٽي انتظامن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. سنڌ ۾ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال سبب هر شهري خوف ۾ آهي. ڪجهه ئي ڏينهن اڳ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيل بل ڌماڪي جو پڙاڏو به ختم ناهي ٿيو ته روشنين جو شهر هڪ ڀيرو وري دهشتگردن جي نشاني تي آيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.