سجاول ۾ نوجوان قتل، واقعي خلاف هڙتال

سجاول (رپورٽ:راجا منظوراحمد ميمڻ)سجاول ويجهو بدين روڊ تي واقع سورج رائيس مل ۾ ٻانهون ٻڌل ڦاهي تي لٽڪيل لاش هٿ آيو آهي لاش جي سڃاڻپ طور نريش ڪمار  عرف پپو عمر اٽڪل 46 سال سان ٿي آهي اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ تي پوليس پهچي وئي پوليس  لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سجاول آندو ويو لاش ضروري ڪاروائي کان پوءِ نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته پوليس جي مطابق لاش جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان بعد ۾ وڌيڪ جانچ ڪبي ،لاش جا پٺيان ھٿ ٻڌل ھجڻ ڪري اھو خدشو به ظاھر ڪيو پيو وڃي ته  نوجوان جي خودڪشي وارو رخ مبينا طور تي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي ان حوالي سان سجاول جي ھندو برادري جي طرفان شٽر ڊائون ھرتال ڪري انصاف جي  اپيل ڪئي آهي جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو آھي ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.