”سنڌ سڪائڻ بند ڪريو“ سچل ڳوٺ ۾ ايس ايس ٽي جو احتجاج

گلشن اقبال(ن ع آ)سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، پنجاب طرفان غيرقانوني طور تونسا پنجند لنڪ ڪئنال، چشما_جهلم لنڪ ڪينال، گريٽر ٿل ڪينال سميت ڪيترائي ڌاڙيل واھ، ڪينال کولي سنڌ سڪائڻ جون سازشون ڪرڻ، سنڌ سرڪار جي ملي ڀڳت سان پنجاب جي حڪمرانن طرفان سنڌ جي پاڻي مٿان غيرقانوني ڌاڙن ۽ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ڪري تمر جا ٻيلا ختم ڪري سنڌ ۾ ماحولياتي تباھي آڻي گرمي ۾ شدت آڻي هيٽ اسٽروڪ ذريعي پورهيتن جو قتل عام ڪرڻ خلاف سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان سچل ڳوٺ ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نويد عباس ڪلهوڙو، مرتضي چانڊيو، نوروز ڪلمتي، نظام جروار، تنوير ڪلهوڙو، ايڊوڪيٽ سراج ڦلپوٽو، ايڊوڪيٽ نور دين ڪاٺوڙ ٻين جي اڳواڻي ۾ جي ٿري اسٽاپ کان سچل ڳوٺ مين گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ “پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا” “دريا تي ڌاڙو  نامنظور” “سنڌ سڪائڻ بند ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ اندر هر سال هٿ ٺوڪي نموني سان پاڻي کوٽ ڪري سنڌ جي هارين جو معاشي استحصال ڪيو پيو وڃي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته پنجاب طرفان ڏيڍ صدي کان لڳل ڌاڙن جو حساب ڏئي سنڌ سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.