ارسلان شيخ پاران مڪاني چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو اعلان

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) وزير اعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي ارسلان اسلام شيخ پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڏئي بلدياتي ليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر جي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو، ان موقعي تي ارسلان اسلام شيخ هي پڻ دعويٰ ڪئي ته سندس ميئرشپ ۾ جيترا ڪم ٿيا آهن ايترا ڪم ٽيهن سالن ۾ به نه ٿيا آهن، هن چيو ته پنهنجي ڪارڪردگي جو سئو سيڪڙو ته مطمئن ناهيان پر نيڪ نيت سان بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ 50 سيڪڙو بهتري آڻي سگهيو آهيان، جيڪڏهن پارٽي موقعو ڏنو ته ٻيهر به ميئر بڻجي ڪري شهر جي وڌيڪ خدمت ڪندس، هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ جي معاوني خصوصي طور سکر شهر جي پيئڻ جي پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان حوالي سان اسڪيم پڻ منظور ڪرائي آهي، سکر ۾ بند ٿيل فلٽر پلانٽن کي فعال ڪرايو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.