نواب شاهه ۾ويريفڪيشن سرٽيفڪيٽ ملڻ مشڪل،اليڪشن اميدوارن جو احتجاج

نواب شاھ (بيورو رپورٽ) نواب شاهه جي مختلف يوسيز تي اليڪشن وڙهندڙ اميدوارن فدا حسين رند، علي شير زرداري ۽ ٻين پوليس فيسلٽيشن سينٽر جي ڪمپيوٽر انچارج خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.هنن  چيو ته نواب شاھ اي سيڪشن ٿاڻي ۾ قائم ٿيل پوليس فيسلٽيشن سينٽر ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر طور ڪم ڪندڙ اھلڪار شھزاد کرل غريب ۽ بي پھچ اميدوارن کي ويريفڪيشن سرٽيفڪيٽ 24 ڪلاڪن اندر ڏيڻ بدران چار چار پنج پنج ڏينھن چڪر ڪٽرائي ٿو ۽ ڪيترن ئي اميدوارن جا سرٽيفڪيٽ درخواستون ھٿ سان گم ڪري ڇڏي ٿو ۽ رڳو بااثرن ۽ ذاتي تعلق وارن ماڻھن کي راضي ڪرڻ ۾ پورو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته سينٽر تي قابل ڄاڻو ۽ فرض شناس ڪمپيوٽر آپريٽر رکي شھزاد کرل کي فوري طور ھٽايو وڃي. ان سلسلي ۾ جڏھن سينٽر جي انچارج علي حسن جمالي سان رابطو ڪيو ويو ته هن چيو ته اسان وٽ رش تمام گھڻي آھي، ھڪ ھزار کان وڌيڪ اميدوارن جون درخواستون مليون آھن، اسان جي اھا ئي ڪوشش آھي ته 24 ڪلاڪن ۾ انھن کي ويريفڪيشن سرٽيفڪيٽ ملي وڃي مون کي اڃا تائين ڪنھن به اميدوار پاران ڪا به شڪايت نه ملي آھي.

  • عام چونڊن ۾ حصو وٺي تڪ جي عوام جي خدمت ڪندس: شيراز ڏيٺو

مٽياري (ت ر)مٽياري ضلعو پ پ جو قلعو رھيو آھي پ پ حڪومت سدائين ھتي جي غريب  عوام جي خدمت ڪئي آھي. انشاالله ايندڙ عام چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺي پنهنجي تڪ جي عوام جي خدمت ڪنداسين. اھڙن خيالن جو اظھار مٽياري جي سياسي سماجي شخصيت شيراز علي ڏيٿو ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھائيندي ڪيو. شيراز علي ڏيٿو وڌيڪ ڳالھائيندي چيو آهي ته اسان جي وڏن شروع کان ئي بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ مذھب کي ڏسندي ھتان جي غريب مسڪين عوام جي خدمت ڪئي آھي ۽ اسان به انهيءَ خدمت جي جذبي کي اڳيان رکي ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تان اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺي پنهنجي عوام جي خدمت ڪنداسين. شيراز علي ڏيٿو وڌيڪ ڳالھائيندي چيو آهي ته پاڻ مٽياري جي تڪ پي ايس 59 تي ٽڪيٽ لاءِپارٽي قيادت وٽ درخواست جمع ڪرائي آھي اميد آھي ته پارٽي قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري طرفان سٺي موٽ ملڻ جا خواھشمند آھن.

  • ٺٽي ۾ مڪاني چونڊن بابت جي يو آءِ جي گڏجاڻي

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) جمعيت علماءُ اسلام ضلعي ٺٽي جي مجلس عاملا ۽ تعلقن جي امراء ۽ نظماء عموميء جو اجلاس ضلعي امير مولانا محمد ابراھيم ميمڻ جي صدارت ھيٺ مدرسه باب الاسلام ٺٽي ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته  بلدياتي اليڪشن ۾ جمعيت علماءُ اسلام ڀرپور حصو وٺندي ۽ جلد پنھنجن پينلن جو اعلان ڪندي. ان سلسلي ۾تعلقن جي ذميوارن کي پابند بنايو ويو آھي ته ھو ھفتي جي اندر پنھجين يوسين جو دورو ڪري مضبوط ۽ باڪردار اميدوارن جي نالن جي لسٽ جي يو آئي جي ضلعي انتخابي بورڊ جي حوالي ڪن ته انھن نالن تي ضلعو غور فڪر ڪري حتمي اعلان ڪري سگھي. اجلاس ۾ ضلعي ٺٽي ۾ پاڻيء جي کوٽ تي سخت ڳڻتيء جو اظھار ڪيو ويو ته سنڌ جي ٻين ضلعن وانگر ٺٽي ۾ ماڻھن کي پيئڻ جو پاڻي به نٿو ملي ۽ زراعت ته اڳي کان ئي تباھ آھي. جڏھن ته ھن نٽھڻ گرميء ۾ بغير ڪنھن شيڊيول جي اڻ اعلانيل بجليء جي لوڊشيدنگ ۽ پاڻيء جي کوٽ خلاف جمعيت علماءُ اسلام ضلعي ٺٽي پاران 22 مئي تي بعد نماز ظھر بخاري مسجد شاھ ڪمال کان عظيم الشان احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويندو. اجلاس ۾ مڪلي باءِ پاس تي قائم مدرسه قاسم العلوم الھاشمي جي چوديواريء کي اي سي ۽ مختيارڪار ٺٽي پوليس جي اٽالن سان گڏ جي ايڪسيويٽر ذريعي شھيد ڪري ڊاھي پٽ ڪرڻ تي شديد ڪاوڙ ۽ غصي جو اظھارڪندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو مدرسه جي لکين روپين جي نقصان جو ترت ازالو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ جي يو آئي مختلف آپشنن تي آئيندي جو لايحه عمل جوڙي ورتو آھي، حالاتن جي ذميوار ضلعي انتظاميہ ھوندي.  جڏھن ته 19 مئي تي جي يو آئي سنڌ پاران مزار قائد ڪراچيء ۾ رٿيل تقدس حرم نبوي صه ڪانفرنس م شرڪت ڪرڻ لاءِ غور ويچار ڪيو ويو.اجلاس ۾ مفتي نذير احمد عمراني، مولانا تاج محمد ناھيون، مولانا عبدالوھاب بلوچ، مولانا سليم عاطف چانڊيو، مولانا احمد سومرو، مفتي محمد ارشد ميمڻ، مولانا حسن ٺينگو، مولانا عبدالرشيد بلوچ، مولانا عبدالقادر خشڪ، سيد سيف الملوڪ شاھ سميت وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

  • کهڙا ۾ بلدياتي چونڊ سرگرميون تيز، ڪيترائي آزاد اميدوار ميدان تي لٿل

کهڙا( ن ع آ )کهڙا ۾ بلدياتي چونڊ سرگرميون تيز ٿي ويون آھن. جي يو آء. پ پ ۽ ڪيترائي  آزاد اميدوار ميدان تي لٿل آھن فارم ڀرائڻ ۽ جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آھي ،کهڙا ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 6 تي حق نواز سومري ۽ وارڊ نمبر 7 تي محمود حسين سومري جي يو آءِ جي طرفان فارم جمع ڪرائي ميدان تي لهي پيا آھن جيڪي کٽڻ لاءِ پراميد آھن، انهي حوالي سان جمعيت علماءِ اسلام کهڙا جي امير مولانا نديم احمد کهڙي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو آھي ته بلدياتي چونڊن ۾ انشاالله جي يو آءِ جا اميدوار ئي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندا، عوام هاڻي جي يو آءِ سان گڏ آهي ،جڏھن ته جي يو آءِ اميدوارن حق نواز سومري ۽ محمود حسين سومري جو پڻ چوڻ ھوته انشاالله بلدياتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿي عوام جي خدمت ڪنداسين.

  • ڊگھڙي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پارٽين سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون

ڊگھڙي (ن ع آ) سيد علي نواز شاھ پينل جي پينل يوسي پٻڻ۔ون تان ميمبر ضلع ڪائونسل جي اليڪشن وڙھڻ لاء ڊگهڙي جي سياسي سماجي اهم شخصيت چوڌري احسن گل نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو ،چوڌري  صدام گل ڊگهڙي شهر جي وارڊ۔13 تاب نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو،هوڏانهن پاڪستان مسلم ليگ۔ن جي اڳواڻن چوڌري نويد گل،عاطف جميل آرائين،سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلع صدر ميريونس ٽالپر،قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ارباب نوحاڻي،ن ليگ جنرل ڪائونسلر جي اميدوار رمضان نجمي آرائين ۽ ٻين اڳواڻن جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پ پ اميدوارن خلاف گڏيل طور تي اميدوار ميدان تي لاهي سندن ڀرپور مقابلو ڪيو ويندو،هنن چيو ٽائون ڪميٽي ڊگهڙي سميت آس پاس جي مختلف يونين ڪائونسلن ۾ پ پ اميدوارن خلاف اميدوار ميدان تي لٿل آهن اسانکي اميد آهي ته عوام اسانکي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو هنن چيو ته عوام کي اسان پ پ جي متبادل اميدوار ڏنا آهن هاڻي فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي هنن چيو جلد اسان گهر گهر اليڪشن مهم جو شروعات ڪنداسين،هوڏانهن يونين ڪائونسل غلام محمد نوحاڻي ۾ آزاد اميدوار طور پنهنجو پينل ميدان تي لاهيندڙ ھادي بخش نوحاڻي پنهنجي پينل جي اميدوارن سان گڏ يوسي جي مختلف ڳوٺن ۾ گڏجاڻيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. پ پ طرفان ٽائون ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسلن جي اميدوارن جا نالا فائنل ڪيا ويا آهن جنکي اڃان تائين پارٽي ٽڪٽ نه ملڻ ڪري فارم جمع ڪرائڻ جو سلسلو شروع ناهي ٿي سگهيو.

  • فيض گنج جي ٻن ٽائون ڪميٽين ۽ 10 يوسيز تي پ پ پاران اميدوار نامزد

فيض گنج (ن ع آ) فيض گنج جي ٻن ٽائون ڪميٽين ۽  ڏھ يونين ڪائونسلن تي پ پ اميدوارن کي نامزد ڪري ڇڏيو.ان سلسلي ۾ پ پ اڳواڻ شيراز شوڪت راڄپر چيو اهي ته پ پ ٽڪيٽون پارٽي ورڪرن ۽ سوشل ورڪرن کي ڏنيون آهن.هن چيو ته ِ مخالفن کي اميدوار ملڻ مشڪل ٿي ويا آهن، پ پ تعلقي فيض گنج ۾ ڪلين سوئيپ ڪرڻ وڃي رهي آهي، مخالفن جو کٽڻ ته پري پر سندن ڪو به اميدوار مقابلي جي پوزيشن ۾ نظر نه اچي رهيو آهي.

  • شهدادپور ۾پ پ پاران مڪاني چونڊن لاءِ اميدوارن جو اعلان

شھدادپور (ن ع آ) پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت پاران شھدادپور شھر جي ميونسپل ڪميٽي شھدادپور جي 16 وارڊن ۽ ٽائون ڪميٽي  جٽيا جي 10 وارڊن تي اميدوارن  جو اعلان ڪيو ويو، پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت پاران اڳوڻن ڪائونسلرن ۽ برادرين کي نظرانداز ڪرڻ ۽ سندن وارڊن ۾ ٻاھرين ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏئي نظرانداز ڪرڻ تي  اڳوڻن ڪائونسلرن۽ برادرين پاران بغاوت ڪري آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙھڻ جي اعلان ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آھي، پاڪستان پيپلز پارٽي پاران شھدادپور شھر جي  ميونسپل ڪميٽي شھدادپور جي 16  وارڊن  ۽ ٽائون ڪميٽي جٽيا جي 10 وارڊن جي اميدوارن  جو اعلان ڪيو ويو، ميونسپل ڪميٽي ۾ وارڊ نمبر 1 تي  ڪائونسلر جو اميدوار انور سهیل ملڪ واارڊ نمبر 2 تي ڪائونسلر  ڄام قائم دين، وارڊ نمبر 3 تي ڪائونسلر  رستم ميمن، وارڊ نمبر 4 تي ڪائونسلر  رياض حسين چاچڙ، وارڊ نمبر 5 تي ڪائونسلر سابق چيئرمين  علــي مرتضي  ٿهيـــم، وارڊ نمبر 6 تي ڪائونسلر  عبدالغفار عرف لالي ملڪ، وارڊ نمبر 7 تي ڪائونسلر اميدوار عامر شيخ، وارڊ نمبر 8 تي ڪائونسلر اميدوار ڊاڪٽر محمد بچل ڳرواڻ، وارڊ نمبر 9 تي ڪائونسلر اميدوار انور جمال، وارڊ نمبر 10 تي ڪائونسلر اميدوار رانا دلشاد راجپوت، وارڊ نمبر 11 تي ڪائونسلر اميدوار فھد خان وسان، وارڊ نمبر 12 تي ڪائونسلر اميدوار رانا عبدلرازق راجپوت، وارڊ نمبر 13 تي ڪائونسلر اميدوار رانا لقمان راجپوت، وارڊ نمبر 14 تي ڪائونسلر اميدوار محمد حسن ٽالهاڻي، وارڊ نمبر 15تي ڪائونسلر اميدوار منظور حسین خاصخيلي ۽ وارڊ نمبر 16 تي ڪائونسلر اميدوار آصف ڏيٿو جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏھن ته شھر جي ٽائون ڪميٽي جٽيا جي 10 وارڊن تي پ پ قيادت طرفان وارڊ1 تي ڪامران راجپوت وارڊ نمبر 2 تي رمضان راجپوت وارڊ 3 تي سجاد جوڻيجو وارڊ 4تي عبدالرحمن ڏيٿو وارڊ 5 تي سليمان بروهي وارڊ 6 تي انور چانڊيو وارڊ نمبر 7 تي نثار آرائين وارڊ 8بن يامين آرائين وارڊ 9 رحمت بابو ڀٽي وارڊ امداد نياز نوناري کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو  اعلان پڻ ڪيو ويو آھي.

  • قمبر شهر جي وارڊ 10 جا ووٽ وارڊ 7 ۾ منتقل ڪيا ويا آهن: منظور گوپانگ

گلشن اقبال (ن ع آ) سماجي اڳواڻ منظور حسين گوپانگ سچل ڳوٺ ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته قمبر شهر جي وارڊ نمبر 10  ۾ گوپانگ برادري جا 2 هزار ووٽ آهن جتان هر دفعي منهنجو مرحوم والد محمد جمن گوپانگ ڪيترائي ڀيرا ڪائونسلر چونڊيو هو ۽ رهواسين جي ڀرپور خدمت ڪئي هئي پر هن دفعي سياسي اٽڪل بازي ڪندي اسان جي وارڊ 10 جا سمورا ووٽ وارڊ 7 ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن جنهن سبب وارڊ جا سمورا ووٽر سخت پريشان آهن ته اسين جنهن وارڊ ۾ رهون ٿا اتي ٻئي وارڊ جا ووٽر آندا ويا آهن چونڊن بعد وارڊن ۾ مسئلا پيدا ٿيندا اسين 10 هين وارڊ جا ووٽر 7 وارڊ واري ڪائونسلر ڏانهن وينداسين ته هو چوندو ته توهان ٻئي وارڊ جا ووٽر آهيو پوءِ ڪو به وارڊ جو بنيادي مسئلو حل نه ٿيندو ان ڪري آئون اليڪشن ڪميشن، حد جي چونڊيل ايم پي اي سردار چانڊيو کي اپيل ڪريان ٿو ته اسان جا ووٽ 10 هين وارڊ ۾ آندا وڃن ته جيئن عوام جي بي چيني ختم ٿي سگهي.

  • آريجا ٽائون ڪاميٽي جي 7 وارڊن لاءِ 70 کان وڌيڪ فارم وصول

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) خير محمد آريجا ٽائون ڪاميٽي 7وارڊن تي مشتمل آهي ھن وقت تائين 7وارڊن لاءِ 70کان وڌيڪ اميدوارن فارم وصول ڪيا آهن پ،پ،جي اميدوارن ھڪ ھڪ وارڊ تي 3کان 4 اميدوارن فارم وصول ڪيا آهن، پارٽي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، ھوڏانھن جي ڊي اي پاران به ٽائون ڪاميٽي آريجا جي 7وارڊن پ،پ جي مقابلي ۾ پنھنجا اميدوار بھاري ڇڏيا آهن پ،پ جيڪڏهن ھر ھڪ وارڊ تي ھڪ اميدوار بيھارڻ ۾ ڪامياب وئي ته پوءِ پ،پ کي سرسي حاصل ٿيندي ھوڏانھن جي،ڊي،اي پاران به پوزيشن مظبوط ھئڻ جي دعوي ڪئي پئي وڃي، ٻئي طرف پي،ٽي آءِ  پنھنجو ڪو اميدوار بھاري نه سگهي، ھن اليڪشن جي سلسلي ۾ پ،پ اڳواڻ ۽ ايم پي اي سردار حزب الله خان ٻگھيو جو فرزند امر خان ٻگھيو ۽ طارق انور سيال سان اليڪشن جي سلسلي ۾  رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٽائون ڪاميٽي آريجا تي اڳ ۾ به اسان جا اميدوار ڪامياب ٿيا ھئا ھن دفعي به ٽائون ڪاميٽي آريجا سميت تعلقي باقراڻي تعلقي ڏوڪريءَ جي ھر ھڪ وارڊ تي انشاءُ الله پ پ پاران بيھاريل اميدوار ڪامياب ٿيندا ڇو جو پ پ تعلقي ڏوڪري باقراڻي جي ھر ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ پنھنجي وس آور ڪافي ماڻھن کي نوڪريون ڏنيون آھن ماڻھن سان اسان جو رابطو آھي ۽ ڏکي سکي ۾ اسان ھنن جي مدد ڪيو ٿا اسان جا اميدوار ئي ڪامياب ٿيندا، ھوڏانھن جي،ڊي،اي اڳواڻ عدنان الطاف حسين انڙ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٽائون ڪاميٽي آريجا جي 7وارڊن سان گڏوگڏ تعلقي باقراڻي تعلقي ڏوڪريءَ۾ اسان جو مقابلو پ،پ سان آھي پ،پ پنهنجي دور حڪومت ۾عوام کي بک بدحالي کان سواءِ ڪجھ ڏنو نه آهي فتح انشاءُ الله جي،ڊي،اي جي فتح ٿيندي.

  • لاڙڪاڻي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان گڏجاڻيون شروع

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ايندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن جي حوالي سان سياسي گڏجاڻين جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه ڊي اي جي مرڪزي جنرل  سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ ايم پي اي لاڙڪاڻو معظم خان عباسي سان ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي اڳواڻن همايون خان مغيري، محمد علي هڪڙو، وحيد عباسي، رفيق کهاوڙ ۽ ٻين ڪوٽ دراب عباسي وليد ۾ ملاقات ڪئي جتي هنن ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ايم پي اي لاڙڪاڻو معظم خان عباسي جي اڳواڻيءَ تي مڪمل اعتماد ڪندي ايندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ کين ڀرپور سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي. ان موقعي تي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته ملڪي حالتن ۽ معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عام چونڊون ٿيڻ گهرجن جيئن نئين حڪومت ۽ نوان چونڊيل نمائندا معيشيت جي خراب صورتحال کي بهتر ڪري سگهن. هن چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن بابت پيپلز پارٽي مخالف اڳواڻن سان صلاح مشورا جاري آهن، جي يو آءِ، پي ٽي آءِ ۽ آزاد اميدوارن سان ملاقاتون ڪرڻ بعد گڏيل طور تي لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن جي تڪ تي اميدوار بيهاريا ويا آهن. هن چيو ته شڪارپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن سان واسطو رکندڙ جي ڊي اي اڳواڻن سان به رابطا جاري آهن جيئن مضبوط اتحاد جي ذريعي مخالفن کي شڪست ڏئي سگهجي. ٻئي طرف ڊاڪٽر صفدر علي عباسي سان ميروخان مختلف علائقن ٺارو وڌو ۽ مبارڪ ڪلهوڙو جي اڳواڻن نياز مستوئي، خير محمد کيڙو، محمد اسماعيل کيڙو، عبدالمالڪ چانڊيو، عرفان عباسي، زاهد حسين ڪلهوڙو ۽ ٻين ملاقات ڪري ايندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.

  • قمبر ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪارروايون تيز

قمبر (رپورٽ: محمود شيخ) ضلعي قمبر شھدادڪوٽ سنيئر سياستدان رئيس سرفرازالدين اسراڻ پنھنجي پينل طرفان يونين ڪائونسل  خيرپورجوسو جي سيٽ تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبرجهانگير خان اسراڻ، چيئرمين سرفراز الدين خان اسراڻ، وائيس چيئرمين روشن علي ميئو راجپوت، وارڊ نمبر 1 ڪائونسل ميمبر محمد عالم چنو، وارڊ نمبر 2 ڪائونسل ميمبر سعيد احمد سومرو، وارڊ نمبر 3 ڪائونسل ميمبرفدا حسين مغيري، وارڊ نمبر 4 ڪائونسل، ميمبرمختيار علي مغيري سميت آزاد اميدوار طور تي اليڪشن ڪميشن آفيس قمبر ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن هنن چيو ته قمبر جي تڪ تي ھر يونين ڪائونسل تي پنھنجا آزاد اميدوارن جا فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن مخالفن اميدوار سان سخت مقابلو ڪري عوام جي سچائي ۽ ايمانداري سان خدمت ڪنداسين.

  • عوام مڪاني چونڊن ۾ ڪرپٽ ماڻھن سان مقابلي لاءِ اڳتي اچي

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي سجاول جي پورھيت نريش داس ۽ بدين جي رھواسي پورھيت  قاسم سومرو جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته لاڙ سميت سڄي سنڌ ۾ بدامني، چورين، ڌاڙن ۽ اغوا جا واقعا وڌي رھيا آھن. ڏوھاري ماڻھو آھستي آھستي طاقتور ٿي رھيا آھن. قانون تي عمل نه ٿي رھيو آھي، پوليس ۾ موجود ڪرپٽ عنصر انصاف ۾ وڏي رڪاوٽ آھن.اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي عوام ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪرپٽ ماڻھن سان مقابلي لاءِ اڳتي اچي. ھي وقت گھر ويٺي تنقيدون ۽ تبصرا ڪرڻ ۽ تصوراتي مشورا ڏيڻ جو نه پر ھر قومي درد رکندڙ، مرد توڙي عورت جي نشانبر ٿي، اعتماد ۽ جرئت سان اڳتي اچڻ جو آھي، ٻي صورت ۾ پنھنجو، پنھنجي بقا، وسيلن ۽ وجود جو قومي گھيرو وڌيڪ تنگ ۽ خطرناڪ ٿيندو ۽ اڳتي ھلي وڏو ۽ تاريخي نقصان ٿي سگھي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو ته ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ قابل، ايماندار، باصلاحيت، سنجيده، ڪميٽيڊ ۽ وطن ۽ قوم سان وفادار ۽ ذميدار ماڻھو اڳيان اچي قومي عوامي تحريڪ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙھن، سڄي سنڌ جي ضلعن، تعلقن، شھرن ۽ يوسيز ۾ آزمايل ڪرپٽ ۽ عوام دشمن اميدوارن آڏو ايماندار، باصلاحيت ۽ ثابت قدم ماڻھو مقابلو ڪن۔ باشعور ۽ برجستا فرد، قومي جذبي ۽ جرئت سان پارٽي جي ذميدارين لاءِ پاڻ ارپڻ وارا نوجوان جدوجھد جي ميدان تي نڪرن.

  • خيرپور ۾ چونڊ چهچٽو،پ پ سان جي ڊي اي جو مقابلو

خيرپور (س ر) خيرپور ۾ مڪاني چونڊن جون سرگرميون تيز ٿي ويون. لقمان جي وارڊ 26 تي جنرل ڪائونسلر لاءِ پ پ جي امڪاني اميدوار  منير منگي جي مقابلي ۾ جي ڊي اي جي سرگرم اڳواڻ قانوندان پرويز سولنگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو. ايڊووڪيٽ پرويز سولنگي وارڊ 26 جي مختلف علائقن نوناري محلا، ٽانوري محلا، جت محلا، منڱڻهار محلا، خوريشد ڪالوني ،ريلوي اسٽيشن سميت مختلف علائقن جا طوفاني دورا ڪيا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ماضي ۾ ڪائونسلرن توڙي چيئرمين عوام جا ڪم ڪرڻ بجاءِ پهنجا گهر ڀري ڇڏيا پر اسان عوامي خدمت تي يقين رکون ٿا، علائقي جي عوام سان ڏکي سکي ويل گڏ رهڻ ۽ انهن جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ کي اعزاز سمجهان ٿو. هن وارڊ 26 جي عوام کي پيغام ڏيندي چيو ته ووٽ ڏيڻ کان اڳ شخصيتن جي چونڊ سوچي سمجهي ڪئي وڃي، جيڪڏهن عوام هاڻي به اکيون نه کوليون ته ايندڙ بلدياتي دور ۾ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه وارو ماحول هوندو.

  • ڳڙهي ياسين جا جي ڊي اي اڳواڻ پ پ ۾ شامل

ڳڙهي ياسين (رپورٽ: شهمير علي جمالي) گذريل ڪيترن ئي سالن کان جي ڊي اي ۽ ايم اين اي غوث بخش خان مهر جا ويجها حمايتي يونين  ڪائونسل ڳهڻو واهه جي جعفري برادري جا ماڻهو ايم اين اي غوث بخش خان مهر  کان راهون جدا ڪري پ پ  ۾  شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو ، ان موقعي تي يونين ڪائونسل ڳهڻو واهه جي جعفري برادري جي ڳوٺ محمد عثمان جعفري جي رهواسين محمد عمر جعفري برادري سميت جي ڊي اي کي الوداع ڪري پ پ  ۾ شموليت ڪري ڇڏي ، هوڏانهن صحافين سان ڳالهائيندي محمد عمر جعفري ، مولابخش ، صدرالدين ، صدام ، عبدالطيف جعفري ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڊي اي اڳواڻ ايم اين اي غوث بخش خان مهر سان 2008 کان گڏ آهيون پر اسان هن دفعي گورنر آغا سراج خان دراني جي ڀاءُ اڳوڻي ضلعي چيئرمين آغا مسيح الدين خان دراني جي هٿ تي جي ڊي اي کي الوداع ڪري پ  پ  ۾ شموليت جو اعلان ڪريون ٿا ۽ اميد ٿا رکون ته آغا مسيح الدين خان دراني جعفري برادري جي هر جائز ڪم ۾ اسان سان ساٿ نڀائيندا ۽ اسان به وچن ٿا ڪريون ته پ پ جي پليٽ فارم تان عوام جي هر خدمت ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.