لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد گلشن فيض ڪالوني ۾ نامعلوم هٿياربندن گهر ٻاهريان شهري نديم گوپانگ کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي سندس کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا، اطلاع تي حد جي وليد ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪري هٿياربندن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي متاثر شھري نديم گوپانگ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته مون کي موٽر سائيڪل واپس ڏياري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.