دڙي ۾ٻن ڌرين ۾جھيڙو، 2 ڀائر زخمي، ريڙھي کي نقصان

دڙو (ن ع آ) دڙي ۾ بس اسٽاپ تي مفت ۾ فروٽ نه ڏيڻ واري پراڻي تڪرار تان فروٽ وڪرو ڪندڙ گونگڙائي ميمڻ ۽ کڏا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هڪ دفعو ٻيهر جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران لٺيون ۽ چاقو لڳڻ ڪري ٻه ڀائر امتياز گونگڙائي ميمڻ ۽ فريد گونگڙائي ميمڻ زخمي ٿي پيا جڏهن ته لٺ بردار ماڻهن پاران فروٽ جي ريڙهي تي ڀڃ ڊاھه ڪرڻ بعد ريڙھي کي ٽوڙھي فروٽ اڇلائي هزارين روپين جو نقصان ڪيو ويو هوڏانهن دڙي ٿاڻي تي شڪور گونگڙائي ميمڻ جي فرياد تي پوڙهو کڏو، بخاري کڏو، گڊو کڏو، عاشق کڏو ۽ محمد کڏو سميت 18 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي هوڏانهن زخمي ٿيل ڀائرن امتياز ۽ فريد گونگڙائي ميمڻ ٻڌايو ته کڏا برادري جي ڪجھ نوجوانن پاران مفت ۾ فروٽ نه ڏيڻ تان پهرين به جهيڙو ڪيو ويو هو جنهن جو فيصلو به ٿي چڪو هو پر اڄ ٻيهر هنن جهيڙو ڪري زخمي ڪيو ۽ فروٽ سان ڀريل ريڙهو ٽوڙي فروٽ اڇلائي ڇڏيو هنن مطالبو ڪيو ته ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.