ام رباب جي ٽگھن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 28 مئي تائين ملتوي

دادو (ڊ ر)  دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جو جج نديم بدر قاضي موڪل تي هئڻ سبب 28 مئي تائين ملتوي ٿي وئي، فريادي ڌر پرويز چانڊيو ۽ ام رباب چانڊيو عدالت نه پهتا، جڏهن ته الزام هيٺ آيل پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ ايم پي اي برهان چانڊيو عدالت پهتا، ايم پي اي سردار چانڊيو جو چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ پاران اسٽي آهي، ڪيس نه ٿو هلي، هن چيو ته ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي بيگناهه آهيون عدالتن تي ڀروسو آهي.

  • دادو جي عدالت طرفان جهيڙي ڪيس ۾ 16 جوابدارن کي قيد جي سزا

دادو (ڊ ر) دادو فرسٽ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ محمد اشرف ڏهراج جي عدالت جهيڙي جي ڪيس ۾ ڦلجي واسي ٻن ڌرين جي 16 ڄڻن کي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت  سعيد پنهور، عرفان پنهور کي 2 سال قيد 2 لک ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو، شمس الدين، رياض، سجاد، شاهد، رضوان، آصف پنهور، کي 1، 1 سال قيد ۽  10،10 هزار رپيا ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو ويو. ٻي ڌر جي 7 جوابدارن نادر علي، علي احمد، مظهر، اظهر، منظور، امير غلام حسين پنهور کي 1-1 سال قيد ۽ 10-10 هزار رپيا ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو ويو، جوابدارن ۾ پاڻي جي نيڪال تان جهيڙو ٿيو هو جنهن جو هڪ سال اڳ ڦلجي اسٽيشن تي ٻنهي ڌرين جو هڪ ٻئي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ٻنهي ڌرين جي 16 ڄڻن کي سزا ٻڌائڻ بعد هٿڪڙيون هڻي جڊيشل لاڪپ مان ڊسٽرڪٽ جيل دادو موڪليو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.