گھوڙاٻاري لڳ شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، ڌرڻو

ڪيٽي بندر/گھوڙاٻاري (نمائندا) گھوڙاٻاري سنڌ ايگري ڪلچرورڪرزيونين (اين ٽي يوايف) جي اڳواڻ علي رضاوڻجارو کانٽي واه جي ذميندار ماما حق نواز رند، مولوي مصطفىٰ جت، هاشم جت، هاري بچل، ذميندار خانمحمد ڳوٺاڻي جميل بلوچ ۽ ٻين پاران مهر شهر ڀرسان مهر ڪيٽي بندر روڍ تي کانٽي واھه ۾ 5 سالن کان پاڻي جي شديد کوٽ خلاف سون جي انگ ۾ گڏ ٿي احتجاج مظاهروڪري ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ۽ سخت نعري بازي ڪئي انهي دوران سنڌايگري ڪلچرزجنرل ورڪزونين (اين ٽي يوايف) جي اڳواڻ علي رضا وڻجارو ماما حق نواز رند مولوي مصطفىٰ جت غلامحمد،بچل،خان محمد جميل بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گذريل 5سالن کان کانٽي واه ۾ پاڻي جي هٿرادوکوٽ پئداڪري آبادگارن ڳوٺاڻن ذميندارن هارين کي پاڻيء لاء سڪائي پريشان ڪيو پيو وڃي هتان جي چونڊيل نمائندن سان آبپاشي عملدار ٻٽ بڻيل آھن. چونڊيل نمائندن ۽ آبپاشي عملدارکانٽي واه جو پاڻي هٿ سان بندڪري هتان جون زرخيز زمينون هٿ بوٺي بنجربڻائي سستي اگه تي خريد ڪري خوب ناڻو ڪمائڻ چاهين ٿا. افسوس سان چوڻوٿو پوي ته ٺٽي جا لاغرز آبپاشي عملدار ۽ سنڌ جا گونگا ٻوڙاحڪمران پاڻي کوٽ خلاف ٿيندڙ احتجاجن ۽ ميڊيا ۾ ھلندڙ خبرن تي ڪوبه ڌهيان ڏيڻ لاء تيارناهن ۽ نه ئي ڪا آبپاشي عملدارن جي ڪن تي ڪاجونء سري ٿي ايستائين عدالتي حڪمن کي به آبپاشي عملدار ٿڏيو ڇڏين.هاڻي اوهان ئي ٻڌايو ته اسان آخر ڪنهن درڏيون دانهڙي ڏينهو هتي پاڻي جي کوٽ ڪري هڪ ٻي ڪربلا پرپا ڪئي وئي آھي. اسان جي هتي ڪير به ٻڌڻ لاء تيار ناهي کانٽي واه جا هاري آبادگارذميندار ڳوٺاڻا گڏي جيڪا ڪل 12هزارانساني آبادي ٿيندي جيڪا پاڻيء لاء سخت مشڪل ۾ ھجڻ ڪري هاڻي پاڻيء جي تلاش ۾ لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور آھي خداراه کانٽي واه کي جلد پاڻي ڏئي انساني زندگيون بچايو کانٽي واه جي آبادگارن ڳوٺاڻن هارين ذميندارن جو تماشو ڏسڻ بندڪريو هاڻي اسان هيترو وقت صبروتحمل جو مظاهروڪندا رهيا آھيون هاڻي اسان مجبور بڻجي سنڌ اسيمبلي ۽ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.