بلڙي شاهه ۾نوجوان جي پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات ڪوشش

بُلڙي شاھه ڪريم (ن ع آ)بُلڙي شاھ ڪريم سٽي جي ميمڻ محلا ۾ 28 سالا ڳڀرو نوجوان شاھزيب پُٽ يحيٰ ميمڻ پاران مبينا طور پاڻ مٿان دل واري ڏائي پاسي پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جنھن کي مائٽن کيس نازڪ حالت جي اندر نجي گاڏيءَ ۾ کڻائي سيول اسپتال حيدرآباد پھچايو جتي کيس سندس علاج ھن وقت ھلندڙ آھي. اطلاع موجب خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان جي حالت ھن وقت تائين نازڪ ٻڌائي پئي وڃي واضع رهي ته ڪجھه منھينا پھريان ساڳي نينگر جي شادي پڻ ٿي ھئي. جڏھن ته خبر فائيل ٿيڻ تائين واقعي بابت پتو نه پئجي سگھيو آھي ته نينگر پاران ڪھڙي مسئلي جي ڪارڻ خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.