خيرپور ۾ وڪيل جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ

خيرپور (س ر) خيرپور بي سيڪشن ٿاڻي جي حد شهباز ڪالوني ۾سينيئر وڪيل ذيشان حيدر سيال جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ  آيو. پوليس لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. وارثن واقعي کي خودڪشي قرار ڏئي ڇڏيو جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي گهڻ زخي جاچ ڪري رهيا آهيون، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ وڌيڪ جاچ ڪرڻ بعد حقيقتون عوام آڏو آنديون وينديون، ابتدائي رپورٽ موجب ايڊووڪيٽ ذيشان حيدر سيال جو موت گولي لڳڻ ۽ رت گهڻو وهڻ ڪري ٿيو آهي.ايڊووڪيٽ ذيشان حيدر سيال جو مڙهه شهباز ڪالوني خيرپور کان سندس اباڻي ڳوٺ محمود ڳوٺ نيو ويو، جتي آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ سياسي ،سماجي اڳواڻن، وڪيلن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن بعد مرحوم جو مڙهه آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.ٻئي طرف خيرپور ڊسٽرڪٽ بار جي صدر ايڊووڪيٽ سيد جعفر علي شاهه، جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ الطاف حسين مري سميت بار جي عهديدارن ذيشان حيدر سيال جي موت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.