درياخان مري لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 7 زخمي

دريا خان مري  ( ن ع آ ) دريا خان مري جي مدرسه انوارالمصطفي قاسميه وٽ خاصخيلي برادري جي 2 ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب ھڪ ڌر جا ڌڻي بخش خاصخيلي، ممتاز خاصخيلي، مولا بخش خاصخيلي، علي خان خاصخيلي، واحد بخش خاصخيلي جڏھن ته ٻئي ڌر جو حاجي ميھرالدين خاصخيلي زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور تي علاج لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري منتقل ڪيو ويو محبوب خاصخيلي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي فيملي ڪراچي وڃي رھي ھئي ته تاڙ ۾ ويٺل حاجي ميھرالدين خاصخيلي واري ڌر جي 15 کان وڌيڪ ماڻھن بنا جواز حملو ڪري 7 ڄڻن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، جڏھن ته حاجي ميھرالدين خاصخيلي ٻڌايو ته 5 کان وڌيڪ ماڻھن حملو ڪري زخمي ڪيو آھي  جڏھن ته ٻنھي ڌرين پاران دريا خان مري ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.