لاڙڪاڻو(ڊ ر) وڳڻ ڀرسان تيز رفتار ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪار ڪلٽي ٿي رڪشا سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ عورت ۽ سندس ستن ورهين جي ڌيءَ فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، هڪ ڄڻو معجزاڻي طور محفوظ رهيو، فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. ان سلسلي ۾ ڪالهه وڳڻ ڀرسان ٿرڙي هاشم روڊ تي ڪراچي کان شهدادڪوٽ ويندڙ تيز رفتار ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪار ڪلٽي ٿي رڪشا سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ شهدادڪوٽ شهر جي سيف الله ڪالوني واسڻ عورت اربيلي زال عاشق سولنگي ۽ سندس 7 ورهين جي ڌيءَ ڪائنات تڏي تي فوت ٿي ويون جڏهن ته حادثي ۾ فوتي عورت جو والد امداد علي سولنگي ۽ عبدالستار سولنگي سخت زخمي ٿي پيا ۽ فوتي عورت جو مڙس عاشق علي سولنگي معجزاڻي طور محفوظ رهيو، اطلاع تي آسپاس جي ماڻهن پهچي لاشن ۽ زخمين کي کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي زخمين کي فوري طور طبي امداد ڏئي ضروري ڪاروائي بعد ٻئي لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ان موقعي تي زخمي عاشق علي سولنگي ٻڌايو ته آءُ ڪراچي ۾ موٽرسائيڪلن جي شوروم تي ڪم ڪندو آهيان، آءُ پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏجي پنهنجي دوست جعفر پنجابي جي ڪار ۾ ٻارن کي کڻائي شهدادڪوٽ پئي ويس ته وڳڻ ڀرسان ٿرڙي هاشم روڊ تي تيز رفتاري سبب ڪار ڪلٽي ٿي رڪشا سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو آهي. هوڏانهن فوتين جا لاش گهر منتقل ڪيا ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.