معيشت کي نظر ۾ رکندي چونڊون ٿيڻ کپن : صفدر عباسي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ايندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن جي حوالي سان سياسي گڏجاڻين جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾  ڪالهه ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ ايم پي اي لاڙڪاڻو معظم خان عباسي سان ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي اڳواڻن همايون خان مغيري، محمد علي هڪڙو، وحيد عباسي، رفيق کهاوڙ ۽ ٻين ڪوٽ دراب عباسي وليد ۾ ملاقات ڪئي جتي هنن ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ايم پي اي لاڙڪاڻو معظم خان عباسي جي اڳواڻيءَ تي مڪمل اعتماد ڪندي ايندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ کين ڀرپور سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي. ان موقعي تي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته ملڪي حالتن ۽ معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عام چونڊون ٿيڻ گهرجن جيئن نئين حڪومت ۽ نوان چونڊيل نمائندا معيشيت جي خراب صورتحال کي بهتر ڪري سگهن. هن چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن بابت پيپلز پارٽي مخالف اڳواڻن سان صلاح مشورا جاري آهن، جي يو آءِ، پي ٽي آءِ ۽ آزاد اميدوارن سان ملاقاتون ڪرڻ بعد گڏيل طور تي لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن جي تڪ تي اميدوار بيهاريا ويا آهن. هن چيو ته شڪارپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن سان واسطو رکندڙ جي ڊي اي اڳواڻن سان به رابطا جاري آهن جيئن مضبوط اتحاد جي ذريعي مخالفن کي شڪست ڏئي سگهجي. ٻئي طرف ڊاڪٽر صفدر علي عباسي سان ميروخان مختلف علائقن ٺارو وڌو ۽ مبارڪ ڪلهوڙو جي اڳواڻن نياز مستوئي، خير محمد کيڙو، محمد اسماعيل کيڙو، عبدالمالڪ چانڊيو، عرفان عباسي، زاهد حسين ڪلهوڙو ۽ ٻين ملاقات ڪري ايندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.