ڪنڌرا لڳ اڳوڻي ٽائون چيئرمين جي رکيل ٽوئن کي باهه

ڪنڌرا ( ن ع آ ) ڪنڌرا شهر جي ڪاروباري شخصيت ۽ اڳوڻي ٽائون چيئرمين مهر علي ٻرڙو جي رکيل ٽوهن کي نامعلوم شر پسند ماڻهن  نامعلوم سبب جي ڪري باھ ڏئي ڇڏي آهي جنهن سبب تقريبن ڇھ هزار ٽوهن کي باھ وڪوڙي وئي باھ جو اطلاع فائر برگيڊ عملي کي ڏنو ويو مگر فائر برگيڊ عملي جي پهچڻ کان اڳ علائقي واسي پهچي ويا جن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي جڏهن ته فائر برگيڊ به پنهنجي پراڻي روايت کي برقرار رکندي تڏهن پهتي جڏهن وڏو نقصان ٿي چڪو هو اڳوڻي ٽائون چيئرمين مهر علي ٻرڙو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته منهنجي ڪنهن سان به دشمني ناهي باقي منهنجي ٽوهن کي دشمني ۽ سازش تحت ڏني وئي آهي هن وڌيڪ چيو ته تقريبن اتي پيل ڇھه هزار ٽوها هئا جيڪي سڙي رک ٿي ويا آهن جن ماليت تقريبن ڇھه لکن جي لڳ ڀڳ ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.