سلطانپور لڳ پوليس چور گرفتار نه ڪيا، علائقي واسين جو احتجاج

سلطانپور ( ن ع آ ) سلطانپور ڀرسان ڳوٺ جميل احمد راجپوت جي رهواسين محمد نواز راجپوت، حاجي لعل ڏنو سومرو، پروفيسر شهباز ڏنو سومرو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته گذريل رات نامعلوم چور بجليءَ جي   اٺن ٿنڀن جون تارون لاهي چورائي ويا جنهن جو اطلاع اسان واپڊا پنوعاقل ۽ مبارڪپور پوليس کي ڏنو پر واپڊا عملدار توڙي مبارڪپور پوليس حد بندي جو جواز ڄاڻائيندي واقعي واري هنڌ نه پهتي، هنن دانهيندي چيو ته ٻه ڏينهن گذري ويا آهن گرمي سخت آهي پر بجلي بحال نه پئي ڪري ڏني وڃي هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي چورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

۽ بجلي بحال ڪري ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.