رتوديرو ۾ فوڊ کاتي جا ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڇاپا، هڪ لک ٻوريون هٿ

رتوديرو  ( رپورٽ: طفيل ساريو )  رتوديرو ۾ فوڊ کاتي جي عملدارن پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون آهن، ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪريم الله سومرو ، ڊپٽي ڪنٽرولر فوڊ لاڙڪاڻو  وشنداس ۽ فوڊ انسپيڪٽر صفدر علي کوکر پنهنجي ٽيم سان گڌ رتوديرو پهچي شهر جي لال رائيس مل ، مدينه رائيس مل ، گولڊن رائيس مل ۽ محمدي رائيس مل سميت 12 رائيس ملز ۽ ڪڻڪ جي گدامن تي چاپا هڻي ڪارروايون ڪيون آهن ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ لاڙڪاڻو ڪريم الله سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فوڊ کاتي سنڌ پاران ڪڻڪ جي خريداري مهم هلي رهي آهي ۽ حڪومت سنڌ پنهنجا ٽارگيٽ پورا ڪرڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو آهي ته ڪٿي به ذخيرو ٿيل ڪڻڪ آهي ته اها هٿ ڪري پنهنجي تحويل ۾ وٺي سنڌ حڪومت جو ٽارگيٽ پورو ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ اسان اڄ رتوديرو ۾ جتي به ڪڻڪ ذخيرو ٿيل آهي اتي پنهنجون ڪارروايون ڪيون آهن هن چيو ته 12 رائيس ملز ۽ ڪڻڪ جي گدامن تي چاپا هنيا ويا جتان هڪ لک ڪڻڪ جون ذخيرو ڪيل ٻوريون هٿ ڪيون ويون آهن ۽ اتان مليل ڪڻڪ جو اسٽاڪ ضبط ڪري حڪومت سنڌ جي حوالي ڪيو ويندو هن ٻڌايو ته ٻن ڪڻڪ جي واپارين اندر لعل ۽ سڌام چند جا گودام سيل پڻ ڪيا ويا آهن هن وڌيڪ ٻڌايو ته جتي به ڪڻڪ ذخيرو ٿيڻ جي نشاندهي ٿيندي ته اتي ڪارروايون ڪيون وينديون اسان جون ان حوالي سان وڌيڪ ڪارروايون جاري آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.