مسڻ وڏي لڳ موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر،3 ڄڻا زخمي

مسڻ وڏي (ن ع آ) مسڻ وڏي لڳ لاھوري موڙ وٽ ميرپورخاص حيدرآباد روڊ تي موٽر سائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو جنھنجي نتيجي ۾ ديوراج ميگھواڙ، منجي ڀيل ۽ نٿو ڀيل زخمي ٿي پيا، ديوراج ميگھواڙ ۽ منجي ڀيل جو تعلق ڳوٺ ڏاڏا محمد آريسر سان ۽ نٿو ڀيل جو تعلق نواز آباد فارم سان آهي.

  • بٺوري ۾ پ پ جو ضلعي صدر زاھد چانڊيو دل جو دورو پوڻ سبب فوت

ميرپوربٺورو (ن ع آ) پاڪستان پيپلز پارٽي ڪلچرل ونگ جو ضلعي صدر زاھد چانڊيو دل  جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو واسي پ پ پ اڳواڻ زاھد چانڊيو کي اوچتي دل ۾ تڪليف سبب تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو منتقل ڪيو ويو جتي کيس طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اين آئي سي وي ڊي ٽنڊو محمد خان نيو ويو جتي فوت ٿي ويو، زاهد چانڊيو 1995 کان پ پ پ سان لاڳاپيل رهيو ۽ شاگردي واري دور ۾ سپاف جي پليٽ فارم تان سياست جي شروعات ڪئي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مختلف عهدن تي رهندي هن وقت پ پ پ جي زيلي تنظيم ڪلچرل ونگ جو ضلعي سجاول جو صدر هو، سندس وفات تي ميرپوربٺورو ۾ سخت ڏک جي لهر ڇانئجي ويئي آهي جڏهن ته ايم پي اي هير سوھو، پ پ پ اڳواڻ واحد پرهياڙ ،پ پ پ تعلقي ميرپوربٺورو جي صدر راجا رميز زئور، پ پ پ اڳواڻ ارباب وزير ميمڻ، ارباب رميز ميمڻ ۽ پ پ پ اڳواڻ ناٿو سومرو پاران سخت افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.

  • ڪنڊيار واسي وين حادثي ۾ فوت ٿيل 9 ڄڻن جو ٽيجهو، دعا گهر وئي

ڪنڊيارو  ( ن ع آ ) ڪنڊيارو  جي رهواسي مانجهند وين حادثي ۾  فوت ٿي ويل  پورهيتن الطاف سولنگي سعيد ، راهب سجاد سولنگي، عاشق ڪلهوڙو ۽  معصوم ڪلهوڙو سميت ٻين 9 ڄڻن جي ٽيجهي جي دعا  ڳوٺ پنهل سولنگي،جمعون ڪلهوڙو ۽ حسين ڪلهوڙو ۾ گهري وئي جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جا وارث غم ۾ ورتل آھن، جڏهن ته ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود فوتين جي وارثن لاءِ حڪومت سنڌ يا وفاق پاران ڪوبه اعلان ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي وري ڪو به وزير يا مشير سندن دعا لاءِ پهتو آھي، دعا موقعي بعد فوتي پورهيتن جي وارثن جمعيت علماءِ اسلام ضلعي نوشھروفيروز جي اڳواڻ مولانا عبدالعليم گھانگھرو ۽ مولانا محمد رمضان خاصخيلي  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته آھي ته مانجهند وين حادثي ۾ زخمين کي بهتر طبي سهولتون نه ملڻ ڪري انساني جانين جو وڌيڪ نقصان ٿيو، جڏهن ته افسوسناڪ حادثي ۾  انتظامي لاپرواهي سبب حياتيون وڃائيندڙن جي وارثن لاءِ سنڌ يا وفاقي حڪومت اڃا تائين امداد جو ڪوبه اعلان ناهي ڪيو ، جڏهن ته حياتيون وڃائيندڙ پورهيتن پنهجي خاندانن جي گذر سفر جو سهارو بڻيل هيا، هن مهل فوتين جي گهرن ۾ غم سان گڏ گهر جا چلها به اجهاميل آھن۔هنن گهر ڪئي ته فوتين جي وارثن لاءِ جلد ئي مالي امداد جو اعلان ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.