ميهڙ مان نوجوان کنڀي گم، وارثن جو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

ميھڙ (رپورٽ: فراز چنو) ميھڙ جي ڊفينس ڪالوني ۾ گهر مان نوجوان شوڪت لاشاري کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ واري واقعي خلاف نوجوان جي امڙ زينب لاشاري،  پيءُ الله ڏنو لاشاري، ڀاءُ  ساجد لاشاري، عرس محمد  لاشاري ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو.هنن  دانھيو ته بي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او اصغر شاهه، اي ايس آءِ سڪندر جتوئي ۽ ٻين پوليس اھلڪارن گھر تي چڙھائي ڪري نوجوان شوڪت لاشاري کي گرفتار ڪيو، جنهن کي ٿاڻي تي رکڻ بجاءِ گم ڪري ڇڏيو آھي. ھنن چيو ته نوجوان مٿان ڪو ڪيس به نه آھي ان جي باوجود پوليس اسان سان ظلم ڪيو آھي، پوليس نوجوان جي بازيابي لاءِ ڀاري رقم گھري پئي، خوف آھي ته پوليس نوجوان کي جاني نقصان نه پهچائي. ھنن ايس ايس پي دادو کان گھر ڪئي ته شفاف جاچ ڪرائي گرفتار نوجوان کي بازياب ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.