ڄامشوري حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي لاڙڪاڻي ۾ قبرڪشائي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ڄامشوري ۾ 10 مهينا اڳ مبينا روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي قبرڪشائي، ڊاڪٽرن جي ماهر ٽيم جزا وٺي لمس ڄامشوري اماڻي ڇڏيا، وارثن انصاف جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڄامشورو ۾ 10 مهينا اڳ مبينا روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ لڌو ڪلهوڙو  واسي نوجوان جاويد ڪلهوڙو جي قبرڪشائي سول ۽ ڪنزيومر پروٽيڪشن جڊيشل مئجسٽريٽ ڪورٽ جي جج شيث کوسو جي نگرانيءَ ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر ۽ ڊاڪٽر رشيد پٺاڻ تي مشتمل ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم ڪئي جتي قبرڪشائي ۾ نوجوان جا جزا وٺي لمس ڄامشوري اماڻيا ويا. قبرڪشائي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا جتي ايس ايڇ او تعلقه خادم حسين مگسي ۽ ڪيس جو جاچ آفيسر ممتاز جاگيراڻي پڻ موجود هئا. ان موقعي تي مبينا قتل ٿيل نوجوان جي پڦاٽ قربان علي ڪلهوڙو ٻڌايو ته منهنجو ماروٽ جاويد علي ڪراچي ۾ پورهيو ڪندو هو. هن الزام لڳايو ته ماروٽ کي بدر کهاوڙ، ممتاز عرف ڏنو ڪلهوڙو، حسن شاهه، عطاءَ الله هليو ۽ زوار هليو وارن 10 مهينا اڳ ڪراچي مان ڄامشورو وٺي اچي قتل ڪري واقعي کي حادثي جو رنگ ڏئي ٻڌايو ته جاويد دل جي دوري سبب فوت ٿيو آهي. هن چيو ته جاويد جاويد جي قتل جو ڪيس سندس والد روشن ڪلهوڙو جي فرياد تي ڄامشوري ٿاڻي تي گناهه نمبر 2021/204 قلم 302، 102، 109 تحت ٽن جوابدارن پنهنجي ڀاءُ ممتاز ڪلهوڙو، عطا محمد هليو ۽ بدر کهاوڙ مٿان داخل ڪرايو ڇاڪاڻ جوابدارن سان اسان جو پراڻو زميني تڪرار هلندڙ آهي جن سال 2001ع ۾ جاويد جي ڀاءُ اعجاز علي ڪلهوڙو کي ۽ سال 2017 ۾ سندس ڀاءُ پرويز علي ڪلهوڙو کي ۽ 10 مهينا اڳ جاويد ڪلهوڙو کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي جيڪي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته 20 سال اڳ ڪيس ۾ نامزد عطا محمد هليو جو ڀاءُ محمد نواز هليو قتل ٿيو هو جنهن ڪيس ۾ فريادي روشن ڪلھوڙو ۽ ٻيا جوابدار طور نامزد آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.