شھدادپور (ن ع آ) شھدادپور جي گلشن جمال ڪالوني مان اٺ سالانيگر رضوان پٽ ميوو خاصخيلي گم ٿي ويو نينگر جي پيءُ ميوو خاصخيلي صحافين کي ٻڌايو ته ڇنڇر رات8 وڳي کان منهنجو پٽ اوچتو گم ٿي ويو آھي هن چيوته مٽن مائٽن ۾ ڪافي ڳولا به ڪئي آھي پر سندس ڪوبه ڏس پتو نه پيو آھي هن انسانيت جي ناتي اپيل ڪئي ته خدارا پٽ جي ڳولا ۾ منهنجي مدد ڪئي وڃي.