اوٻاوڙو لڳ پسند پرڻي تان ڇڪتاڻ، ڀڃ ڊاهه بعد نوجوان جي گهر کي باهه

اوٻاوڙو  ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ وروالو ۾ نوجوان ڇوڪري جو گھران نڪري وڃڻ واري معاملي تان جوڻا برادري ۽ فاروقي برادري ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي فاروقي برادري جي ماڻھن جوڻا برادري جي گھرن کي باھيون ڏيڻ تان ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي فاروقي برادري جي ڇوڪري عاصمه فاروقي جي اغوا جو ڪيس وارثن جي فرياد تي اوٻاوڙو ٿاڻي تي جوڻا برادري جي پنجن ماڻھن مٿان داخل ڪرائي ڇڏيو ڇوڪري کي اغوا ناھي ڪيو ڇوڪري صفدر ولد ياسين جوڻو سان پسند جي پرڻي لاءِ گهران نڪتي آهي جيڪي ٻئي ممتاز جوڻو جي وٽ آھن، ممتاز جوڻو اسان جو سخت مخالف آھي تڏھن ڇوڪري ۽ ڇوڪري کي معاملي پاڻ وٽ پناھ ڏئي جھيڙي کي وڌائي ڇڏيو اٿس ۽ فاروقي برادري جي پنجاھ کان وڌيڪ ماڻھن اسان جي گهرن تي حملو ڪري گھرن ۾ پيل  سمورو قيمتي سامان ڦري ڀڄ ڊاھ ڪرڻ بعد گهرن کي باھيون ڏئي ويا آھن اسان جو وڏو نقصان ٿيو آھي اسان سان  انصاف ڪيو وڃي عبدالقيوم جوڻو ۽ ٻين جو الزام پوليس جو چوڻ آھي ته ان معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون   ڪنھن به ڌر سان ناانصافي نه ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.