ٽنڊي غلام حيدر ۾ روڊ حادثو، 3 ڄڻا زخمي

ٽنڊوغلام حيدر(رپورٽ:غلام مرتضي لغاري) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان محفل ميرج لان حيدرآباد_بدين باءِ پاس روڊ تي تيزرفتار ٻن ڪارن ۽  موٽرسائيڪل ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ سبب موٽرسائيڪل سوار نٿوڪولهي،لالو ڪولهي ۽ هڪ عورت لڇمي ڪولهي سخت زخمي ٿي پيا،اطلاع بعد حد جي نظرپور پوسٽ پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي ماتلي سرڪاري اسپتال پهچايو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي،جڏهن ته آخري اطلاع تائين حادثي جو ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو،هوڏانهن پوليس پاران حادثي جي شڪار گاڏين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.