جيڪب آباد ( ڊر ) جيڪب آباد ويجهو ڳوٺ جمن شاھ ۾ ڇتي ڪتي جي چڪ پاتل 15 سالا اعجاز ولد لطيف مستوئي فوت ٿي ويو، 10 ڏينهن اڳ ڪتي کيس چڪ پاتو هو وارثن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اعجاز کي چريو ڪتي کائي زخمي ڪري ڇڏيو هو، هو ويڪسين ڪرائڻ لاءِ پهتا پر ويڪسين نه ٿي، زهر سڄي جسم ۾ پکڙجي ويو، جنهن جي ڪري معصوم مري ويو.