مٺي ۾ پي ايس ٽي اميدوارن جو غلط تڪبندين خلاف ڌرڻو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ڏيپلي ۽ ڪلوئي تعلقن ۾ سياسي بنيادن تي ڪيل تڪبندين عوام رد ڪري ڇڏيو آهي،ٻنهي تعلقن جي عوام سخت پريشان ٿي وئي آهي،اُنهي سلسلي ۾ ڪلوئي تعلقي جي يوسي کيتلاري جي ديھ سينگاريو کي ڏيپلي تعلقي جي يوسي ڀاڏور ۾ شامل ڪري پي ايس ٽي پاس اُميدوارن جا آفر آرڊر روڪڻ خلاف ڀاڏور يوسي جي عوام ڏيپلي ۾ روڊن تي نڪري آئي،رهواسين پاران غلط تڪبندين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو،اُنهي سلسلي ۾ شهرين پاران ارباب گروپ جي اڳواڻ بئريسٽر ارباب ظفراللّٰه،جميعت علماءُ اسلام جي تعلقي صدر مولوي عباس ڪلر،عوامي تحريڪ جي اڳواڻ عمر بجير،فاروق مريداڻي، شهري اتحاد جي اڳواڻ عمران باغي،نوجوانن اشفاق بجير،نبي بخش بجير،سليم درس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏيپلو پريس ڪلب کان گرڊ اسٽيشن تائين ريلي ڪڍي نهٽڻ اُس ۾ ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،جتي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته اسان جي يوسي ڀاڏور سان سياسي بنيادن تي ظلم ڪيو پيو وڃي، ديھ سينگاريو وڏي عرصي کان کيتلاري ۾ شامل آھي،جنهن جي منظوري ڪابينا به ڏني هئي،ان کانپوءِ پي ايس ٽي پاس اميدوارن جي ميرٽ لسٽ ٺاهي ويئي،جنهن ۾ به ان ديه جي اميدوارن کي کيتلاري ۾ ڏيکاريو ويو هو پر سياسي اثر رسوخ ۽ پنهنجن کي نوازڻ لاءِ تعلقي ايجيوڪيشن آفيسر ارباب ذوالفقار سياسي طور وري ان کي ڀاڏور ۾ شامل ڪرايو ڇو ته اها اگر کيتلاري ۾ شامل ٿي ته اُن جا رشتيدار پاس نه ٿي سگهندا،جنهن جو مارڪون گهٽ آھن ۽ اُهي انهي ديه جي نوجوانن جي اچڻ سان ميرٽ ۾ نٿا اچن،اُهو هڪ سياسي گيم کيڏي پئي وڃي،هن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ۽ روينيو جا عملدار به ملوث آھن،جيڪي صرف يس مين بڻيل آھن ۽ سياسي ماڻھن جي چوڻ تي اُهو عمل ڪري رهيا آھن،عوام جي تڪليفن جو هنن کي ڪو اونو نه آھي،جڏھن يوسي کيتلاري ۾ ديھ سينگاريو شامل هئي ته ان کي وري ڀاڏور ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت ڇو پئي اُن جو جواب ڪير ڏيندو؟؟هن مسئلي سبب ٻين سڀني کي پي ايس ٽي آفر آرڊر ملي ويا آھن پر اسان جي يوسي جا آفر آرڊر به روڪيا ويا آھن،هاڻي انهن ۾ تبديلي ڪئي ويندي،جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿيندي،اسان جو مطالبو آھي ته ديھ سينگاريو کي کيتلاري ۾ رکيو وڃي جنهن جي هُو پهرين حصو هئي،ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو،

  • چونڊيل نمائندن پنهنجي ئي ووٽرن خلاف غلط فيصلا ڪري باغي بڻائي ڇڏيو

مٺي:ڏيپلي ۾ حڪومت ۽ چونڊيل نمائيندا پ پ جا،پ پ جي مقامي قيادت پنهنجن ئي ووٽرن خلاف غلط فيصلا ڪري عوام کي باغي  بڻائي ڇڏيو،ڏيپلو جي يونين ڪائونسل ڀاڏور جا ميرٽ تي پاس ٿيل استاد اميدوار يونين ۾ سينگاريو ديھ جي شموليت،آرڊر روڪڻ،ٽي اي او جي سياست خلاف ڏيپلو ۾ سراپاءُ احتجاج بڻيل آهن،احتجاج ان تعلقي ۾ ڪري رهيا آھن جٿي صرف ۽ صرف پيپلزپارٽي جي پنهنجي حامين جي لاءِ سمورا قانوني رستا اورانگهي قدم کنيا وڃن ٿا پر جتي پنهنجا مفاد ناهن اُتي ڪنهن قانون جي نه ٿي هلي،عوام سخت ويل ۾ اچي وئي آهي.

  • ديھه سينگاريو کي يوسي ڀاڏور ۾ شامل ڪرڻ خلاف نوجوانن سنڌ هاءِ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

مٺي:ديھ سينگاريو کي يوسي ڀاڏور ۾ شامل ڪرڻ خلاف نوجوانن سڀاڻي سومر تي سنڌ هاءِ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،پٽيشن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر،اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار ڏيپلو کي ڌُر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،پٽيشن سڀاڻي سومر تي عدالت ۾ داخل ڪرائي ويندي.

  • احتجاج ڪندڙ نوجوانن کي پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي مٺي گُهرائي ورتو

مٺي:يوسي ڀاڏور جي احتجاج ڪندڙ نوجوانن کي پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي مٺي گُهرائي ورتو،جتي ڳالهيون ڪري مسئلو حل ڪرائڻ جي يقين ڌياني بعد احتجاج ختم ڪرايو، مليل  رپورٽن موجب ته ديھ سينگاريو جي اميدوارن کي کيتلاري ۾ آفر آرڊر ڏنا ويندا ۽ يوسي ڀاڏور جي رڪمنڊڊ اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويندا،اهڙي يقين ڌياني ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي پاران ڪرائي ويئي،جنهن تي احتجاج ختم ڪيو ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.