وڳڻ لڳ نينگري تي تشدد، ٿاڻي پهتي، ڪيس داخل نه ٿيو،لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) وڳڻ ڀرسان 10 ورهين جي نينگري کي مبينا اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو، نينگري وجهه وٺي ٿاڻي تي پهتي، مبينا طور ڪيس داخل نه ٿيڻ تي نينگري تحفظ لاءِ پريس ڪلب پهچي تحفظ جي گهر ڪئي، احتجاج بعد نينگري کي وڳڻ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه وڳڻ شهر ڀرسان ڳوٺ جعفراڻي جي رهواسي 10 ورهين جي نينگري ڪلثوم ڌيءَ طالب چانڊيو تحفظ لاءِ پريس ڪلب پهتي جتي هن پاڻ مٿان ٿيل تشدد جا نشان ڏيکاريندي روئي ويٺي. ان موقعي تي نينگري ڪلثوم ڌيءَ طالب چانڊيو دانهيو ته منهنجو پيءُ طالب چانڊيو ڪم ڪار ناهي ڪندو، آءُ گهر ۾ وڏي آهيان منهنجي هڪ ڀاءُ جو نالو ساگر ۽ ڀيڻ جو نالو طبيه چانڊيو آهي، پيءُ ڪم ڪار ناهي ڪندو جنهن ڪري منهنجي امڙ پيءُ جو گهر ڇڏي ناني اڪبر چانڊيو وٽ رهائش اختيار ڪئي. هن الزام لڳايو ته ڪجهه مهينا اڳ بااثر حميد منهنجي مامي احمد علي چانڊيو کي شادي جي تقريب ۾ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو بعد ۾ آءُ پنهنجي امڙ ياسمين سان گڏجي لاڙڪاڻي مان دوا وٺڻ لاءِ آياسين ته حميد مون سميت منهنجي امڙ کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻائي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ رات مون کي چاقو ڏيکاري اغوا ڪرڻ بعد شهر جي لهر ڪالوني جي هڪ جڳهه ۾ بند ڪري بدترين تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ پئي چاهيو جتي مون رڙيون به ڪيون پر هن کي ڪو به رحم نه آيو ۽ صبح جي وقت هڪ عورت جي ذريعي آءُ اتان ڀڃي نڪري حد جي ٿاڻي تي آيس ۽ پوليس کي سڄي حقيقت ٻڌائي ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو پر پوليس ڪيس داخل ڪرائڻ کان انڪار ڪندي ڪا به ڪاروائي نه ڪئي . جنهن ڪري مون سميت منهنجي گهر ڀاتين جي حياتي کي خطرو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته بااثر حميد خلاف ڪارروائي ڪري گهر ڀاتين سميت تحفظ ڏنو وڃي. هوڏانهن احتجاج بعد نينگري کي وڳڻ پوليس حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.