ڊگھڙي ۾ واپڊا عملي جي نااھلي خلاف رھواسين جو ڌرڻو، ٽائرن کي باھيون

ڊگھڙي (ن ع آ) ڊگهڙي شهر جي ميرپاڙي جي رهواسين ميرفرقان احمد ٽالپر، ميراسد الله ٽالپر، ميرعالم ٽالپر،مير جواد ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واپڊا خلاف ايس ڊي او واپڊا آفيس ڀرسان ٽنڊوغلام علي روڊ تي  ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته گذريل رات کان اسانجي پاڙي ۾ بجلي هيوي وولٽيج جي تار ڪرڻ سبب اسانجي پاڙي جي بجلي ڪٽجي وئي آهي سخت گرمي ۾ رهواسي پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن اسان واپڊا وارن کي بار بار آگاھه ڪيو ته بجلي جي ڪريل تار لڳائي اسان جي بجلي بحال ڪئي وڃي پر اسانجي ڪير هڪ به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون واپڊا ڊگهڙي جي عملدارن ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.