ڪوٽڙي ڪبير ۾بجلي جي ڪرنٽ سبب گهرن کي باهه،. الهه تلهه سڙي رک

ڪوٽڙي ڪبير ( ن ع آ )ڪوٽڙي ڪبير جي جوڳي محلا ۾ قربان جوڳي ۽ خادم جوڳي جي گھرن کي بجلي ڪرنٽ مان باھ لڳي وئي,  اھڙو اطلاع محرابپور ٽائون جي باھ وسائڻ واري گاڏي جي عملي کي ڏنو ويو جن چيو گاڏي خراب آھي, وري ڪنڊيارو ٽائون کي اطلاع ڏنو ويو جن فون نه کنئي, باھ وسائڻ وارين گاڏين کي اطلاع ڏيڻ ۾ ڪافي دير ٿي چڪي ھئي دير جي ڪري ٻئي گھر سڙي ڪوئلو ٿي ويا, باھ ۾ ٻه قرآن شريف شھيد ٿي ويا, روڪ رقم , ۽ نياڻي جي ڏاج سميت الھ تلھ سڙي خاڪ ٿي ويو, نقصان جو ڪاٿو پنج لک رپيا ٻڌايو وڃي ٿو, متاثرين کلئي آسمان ھيٺ امداد لاءِواجھائي رھيا آھن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.