سوني ايڪسپيريا پنهنجي 10 سيريز ۾ هڪ واڌارو ڪيو آهي ۽ هاڻي نئون مقبول موبائيل فون مارڪ 4 کي متعارف ڪرايو آهي.
هميشه جيان هي فون پنهنجي پراڻي ماڊل کان مختلف آهي ۽ معمولي تبديلين کانسواءِ ڪا وڏي تبديلي ناهي ڪئي وئي.
سوني ايڪسپيريا 10 مارڪ 4 جي پٺيان چمڪندڙ پينلز آهن جڏهن ته هي سامهون کان اڳوڻن ماڊلز جهڙو لڳي ٿو پر هن فون ۾ ڪجهه تبديليون ضرور ڪيون ويون آهن.
فون جو پراسيسر وڌيڪ طاقتور بڻائي اسنيپ ڊراگون جو 695 پراسيسر ڏنو ويو آهي جڏهن ته اڃان به هن فون ۾ فور ڪي وڊيو رڪارڊنگ جي کوٽ آهي.
ٻيو اهم فرق اهو آهي ته هن جي بيٽري کي 5 هزار ايم اي ايڇ رکيو ويو آهي ۽ فون جو وزن 8 گرام گهٽجي ويو آهي.
فون کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اسڪرين تي هاڻي گوريلا گلاس ڏنو ويو آهي.
فون جي پٺيان ٽن ڪيمراز جو سيٽ اپ آهي.
سوني ايڪسپيرريا 10 4 ۾ 6.0 جي او ايل اي ڊي ڏنل آهي جڏهن ته 126 جي بي اسٽوريج ۽ 6 جي بي ريم ڏنيو ئي آهي.
موبائيل فون اينڊرائيڊ 12 تي ڪم ڪري ٿو، فون جي مين ڪيمرا 12 ميگا پڪسل جي آهي ۽ فرنٽ ڪيمرا 8 ميگا پڪسل جي آهي.
سوني جي هن خوبصورت فون جي قيمت تقريبن 90 هزار پاڪستاني رپيا ٻڌائي پئي وڃي.