اڳوڻي ڪرڪيٽر راشد لطيف جو سياست ۾ اچڻ جو اعلان

 

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر راشد لطيف سياست ۾ اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راشد لطيف چيو ته هو موجوده سياسي صورتحال کي غور سان ڏسي رهيو آهي، هاڻ هو ڪجهه ڪم ڪري سگهي ٿو.

راشد لطيف چيو ته گهڻو امڪان آهي ته ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ اوهان مون کي سياست ۾ ڏسو.

53 ورهين جي راشد لطيف کان جڏهن پڇيو ويو ته ڇا هو ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيندو؟ يا پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهڻ جو ارادو رکي ٿو؟  هن چيو ته سڀني کي خبر آهي ته رشيد لطيف جو تعلق ڪهڙي سياسي پارٽي سان آهي، سندس سياسي نظريا ڪهڙا آهن.

هن چيو ته هو پراڻي ماڳ ۽ ماڻهن کي ڇڏڻ وارو ناهي، هو منشور سان هلڻ وارن مان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.