ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفا ڀٽو طرفان گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ خليفا بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ آصفا ڀٽو چيو ته شيخ خليفا بن زايد النهيان جي گهرڀاتين ۽ گڏيل عرب امارتن جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿي.
Heartfelt condolences to the family of HH Sheikh Khalifa bin Zaid Al Nahyan, and to the people of UAE 🇦🇪 . I will always remember him for the friendship & kindness he showed my family. A true friend of Pakistan 🇵🇰, he always supported the country in its moment of need.
1/2— Aseefa B Zardari (@AseefaBZ) May 13, 2022
آصفا ڀٽو چيو ته جنهن دوستي ۽ مهرباني سان هو مهنجي ڪٽنب سان پيش آيو، مان کيس هميشه ياد رکنديس.
هن اهو به چيو ته شيخ خليفا بن زايد النهيان پاڪستان جو سچو دوست هو، جنهن ضرورت وقت ملڪ جو ساٿ ڏنو.
آصفا ڀٽو موجب پاڪستاني عوام اهڙي نقصان تي سوڳوار آهي ۽ پنهنجي اماراتي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي.