پي ٽي آءِ جو نور عالم خان تي حملي جو منصوبو، ماڻهو مورچا بند، ڇڪتاڻ

 

پشاور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي باغي ميمبر نور عالم خان انڪشاف ڪيو آهي ته پارٽي طرفان مٿس حملي جي رٿابندي ڪئي وئي آهي.

عوامي آواز جي ذريعن موجب پي ٽي آءِ باغي ميمبر نور عالم خان آهي چيو ته مون کي پارٽي جي ذريعن وٽان ئي اطلاع مليو ته عمران خان جي هدايت تي خيبر پختونخواهه اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر محمود جان منهنجي گهر تي حملي جي رٿابندي ڪئي آهي، ان اطلاع تي علائقي جي مسجدن ۾ اعلان ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ڳوٺ جا سمورا ماڻهو ڏنڊا ۽ هٿيار کڻي ٻاهر نڪري آيا ۽ مختلف هنڌن تي مورچابند ٿي ويا، جنهن کانپوءِ صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ واري ٿي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته مان هن وقت ڪنهن ميڊيا سان نه ڳالهائيندس، اهي رتوڇاڻ چاهين ٿا، مان انهن کي وائکو ڪندس.

هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته اهي اچن، جيڪڏهن انهن ۾ همت آهي ته اچن اسان جي علائقي ۾، اسان تيار ويٺا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.