نوجوان ڀارتي اداڪارا پنهنجي گهر مان مئل حالت ۾ هٿ

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا جي ماڊل ۽ اداڪارا شاهانا پنهنجي رهائشگاهه تي مئل حالت ۾ هٿ آئي آهي، جنهن کانپوءِ قتل جي شڪ ۾ سندس مڙس کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب 20 ورهين جي ماڊل ۽ اداڪارا پهنجي رهائشگاهه تي مئل حالت ۾ ملي، جنهن کانپوءِ پوليس سندس 31 ورهين جي مڙس سجاد کي پڇا ڳاڇا لاءِ حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

نوجوان ماڊل جي ماءُ جو چوڻ آهي ته خميس تي ساڻس رابطو ٿيو هو، ان ڏينهن سندس 20هين سالگرهه هئي، هن ٻڌايو هو ته هوءَ پنهنجي سالگرهه ملهائڻ گهر آئي آهي، هوءَ خوش هئي، لڳي نٿو ته هن آپگهات ڪيو آهي.

شاهانا ڏيڍ سال اڳ سجاد سان شادي ڪئي هئي، جڏهن جوڙي جي شادي ٿي ته سجاد قطر ۾ ڪم ڪندو هو.

ماڊل جي ماءُ چيو ته شاهانا پنهنجي ماڊلنگ ڪيريئر جي شروعات شادي کانپوءِ ڪئي هئي ۽ هوءَ تامل فلمن ۾ به اداڪاري ڪندي هئي.

هن دعويٰ ڪئي ته شاهانا طرفان وڌيڪ پيسا ڪمائڻ کانپوءِ سجاد قطر واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

شاهانا جي مائٽن الزام لڳايو آهي ته سجاد جي گهرڀاتين 25 تولا سون جا زيور ڏاج طور گهريا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.