شان مسعود ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ سينچرين جي هيٽ ٽرڪ ڪري ڇڏي

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين شان مسعود ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ سينچرين جي هيٽ ٽرڪ ڪري ڇڏي.

قومي ٽيم جو اوپننگ بيٽسمين شان مسعود ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ ڊربي شائر جي نمائندگي ڪري رهيو آهي ۽ سندس شاندار ڪارڪردگي جو سلسلو جاري آهي، هن ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ ٽين سينچري ٺاهي ورتي آهي.

شان مسعود ووسٽر شائر خلاف هڪ سئو 15 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي.

اوپننگ بيٽر ڪائونٽي سيزن ۾ ان کان اڳ ٻه ڊبل سينچريون ۽ ٽي ففٽيون ٺاهي چڪو آهي ۽ هو ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ اٺ سئو چوويهه رنز ٺاهي ٽاپ اسڪورر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.