بدين ۾ پورھيت محمد قاسم سومرو کي قتل ڪندڙ مک جوابدار کي پوليس مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو

بدين ۾ پورھيت محمد قاسم سومرو کي قتل ڪندڙ مک جوابدار  کي پوليس  مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي

ڊي ايس پي ذوالفقار علي قائم خاني، ۽ ايس ايڇ او محمد انور لغاري ماڊل ٿاڻي بدين تي، پريس ڪانفرنس ڪندي  ٻڌايو ته قتل ٿي ويل  پورھيت محمد قاسم سومرو جي والد الھڏنو سومرو جي فرياد تي. چئن  جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ ،  بدين جي ايس ايس پي  شاھنواز چاچڙ جي هدايتن تي. بدين پوليس. موبائيل ٽريسنگ ڪئي، جنهن. مان معلوم ٿيو ته  جوابدار کوسڪي روڊ   تي. ڪنهن ڏوھ ڪرڻ جي ارادي سان بيٺل ھئا پوليس پھچي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مقابلو ٿي پيو ۽ پوليس. مقابلي دوران زخمي حالت ۾  قتل ۾ ملوث مک جوابدار عثمان مغيري کي گرفتار ڪري ورتو آهي  جنهن کي سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي  ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد انھن کي به گرفتار ڪيو ويندو، بدين جي ڊي ايس پي، موجب ته بدين ۾ چورين ۽ ڦرن ۾ ملوث ڏوهارين کي ڪيفري ڪردار تائين پهچايو ويندو..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.