مانجهند ۾ ٽرانسپورٽرن جو لاکڙا ڪول ڪمپني جي ڏاڍائن خلاف لنڪ روڊ تي ٽرڪون، ٽرالر بيهاري ڌرڻو

مانجهند ۾ ٽرانسپورٽرن  لاکڙا ڪول ڪمپني جي ڏاڍائن خلاف ڳوٺاڻن لنڪ روڊ تي ٽرڪون ٽرالر بيهاري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي

ان موقعي تي ٽرانسپورٽر اڳواڻ امداد علي کوسو يار محمد کوسو ۽ تاج محمد کوسو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته   ٽن Ton  ڪوئلا  ڪمپني جي ليز ۾  ابن ڏاڏن کان رھائش پذير اآهيون پر سندن ٽرانسپورٽر کي ڪوئلو ڏئڻ بجاء ڌارين کي ڪرايا ڏنا پيا وڃن جنهن سبب سندن قسطن تي ورتل گاڏين جا قرضي بنجي ويا آُھيون ڪافي ڀيرا دانهڻ باوجود ڪوبه تدارڪ نه ٿي سگهيو آھي هنن وڌيڪ چيو ت  سندن ڳوٺن کي روزگار پاڻي صحت سميت ڪابه بنيادي سهولت ناهي پر ٽرانسپورٽ جي روزگار کان محروم ڪيو ويو آھي کين آواز اٿارڻ تي ڪوڙن ڪيسن جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن فوري طور روزگار جو ذريعو بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.