خانپورمهر ۾چورين جي واقعن خلاف بوزدار برادري جي ماڻهن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

خانپورمهر  ۾جروار ۽ ڏهرڪي مان ڦر ۽ چورين جي واقعن خلاف بوزدار برادري جي ماڻهن جو خانپورمهر ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي

احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ نثار بوزدار، خالد بوزدار ،استاد راحب بوزدار ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گهوٽڪي ضلعي اندر بدامني عروج تي پهچي وئي آهي، چوريون، ڦرون، ڌاڙا ۽ اغوا جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهي، احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته اٽڪل 18 ڏينهن اڳ ڏهرڪي شهر مان هٿياربند  استاد راحب بوزدار کان 12 لک روپيہ ڦر ڪري ويا پر پوليس هن مهل تائين تدارڪ ناهي ڪيو، هنن چيو ته اٽڪل هفتو اڳ جروار ويجهو چور مالوند خالد بوزدار جي گهران 31 ٻڪريون چوري ڪري ويا پر پوليس ڪو ٻوٽو ناهي ٻاريو،مجبور ٿي احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آهي، ڳوٺاڻن  اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ڦر ٿيل رقم ۽ چوري ٿيل ٻڪريون واپس ڪرايون وڃن ۽ گهوٽڪي ضلعي اندر امن امان جي فزا قائم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.