ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گرمي جي شدت وڌي وئي ۽ اڄ هلندڙ سال جو گرم ترين ڏينهن رهيو.
موسميات کاتي موجب ڪراچي جو گرمي پد 42.8 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته هوا ۾ گهم جي شرح 32 سيڪڙو رهي.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته اڄ گرمي پد مئي جي ايوريج کان 7 ڊگري وڌيڪ رهيو، مئي جو سراسري طور گرمي پد 35.8 ڊگري سينٽي گريڊ آهي.
هن ٻڌايو ته 9 مئي 1938 ۾ گرمي پد جو رڪارڊ 47.8 ڊگري سينٽي گريڊ آهي.
سندس چوڻ هو ته سڀاڻي کان ڪراچي جي گرمي پد ۾ 2 کان 3 ڊگري گهٽتائي جو امڪان آهي ۽ گرمي پد 36 کان 38 ڊگري جي وچ ۾ رهي سگهي ٿو.