شادي کان انڪار تي نوجوان ماڊل قتل

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي  علائقي ڊفينس ۾ شادي کان انڪار تي نوجوان ماڊل کي قتل ڪيو ويو.

پوليس موجب ڪماليه جي 23 ورهين جي سميعه نواز لاهور جي علائقي باغبان پورا جي رهواسڻ هئي، هوءَ پرڻيل هئي ۽ کيس 3 ورهين جي نياڻي به هئي، جڏهن ته مڙس سان عليحدگيءَ کانپوءِ سليمان نالي نوجوان سان گڏ ماڊلنگ ڪندي هئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته سليمان ماڊل گرل سان شادي ڪرڻ جو خواهشمند هو پر سميعه انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي هن فوٽو شوٽ بهاني کيس ڊفينس ۾ گهرايو ۽ گاڏي ۾ ئي ماري ڇڏيو.

پوليس موجب لاش پوسٽ مارٽم لاءِ موڪلي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.