عامر لياقت جي اڳوڻي زال کي به شاديءَ جي آڇ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم اين اي عامر لياقت جي اڳوڻي زال سيده طوبيٰ انور کي به شادي جي آڇ ڪئي وئي آهي.

سيده طوبيٰ سوشل ميڊيا سائيٽ انسٽاگرام تي پنهنجيون نيون تصويرون جاري ڪيون.

اداڪارا جي مداحن سندس تصويرن جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته محمد نديم نالي هڪ واهپيدار طوبيٰ جي پوسٽ تي تبصرو ڪندي کيس شادي جي آڇ ڪئي.

واهپيدار لکيو ته مون سان شادي ڪندينءَ؟ جڏهن ته طوبيٰ طرفان ڪو رد عمل ناهي ڏنو ويو.

ياد رهي ته هلندڙ سال فيبروري ۾ سيده طوبيٰ انور عامر لياقت کان خلع وٺڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.