ڊاڪٽر پنهنجا گڙدا ڏئي ٻن ڄڻن جي حياتي بچائي ورتي

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ ڊاڪٽر جا گڙدا ٻن مريضن کي لڳائي انهن جي حياتي بچائي وئي.

رپورٽ موجب گجرات رياست جي شهر ويدودر جو رهواسي 65 ورهين جو ريڊيالاجسٽ ڊاڪٽر نريندر پاريک ڏاڪڻ تان ڪري زخمي ٿيو هو ۽ صحتياب نه ٿي سگهيو هو.

همراهه جي فوت ٿيڻ کانپوءِ سندس گهر وارن ڊاڪٽر جا ٻئي گڙدا عطيو ڪيا، جن مان هڪ گڙدو مريض کي ڪاميابي سان لڳائي سندس حياتي بچائي وئي، جڏهن ته ٻيو گڙدو احمد آباد جي هڪ اسپتال موڪليو ويو، جتي هڪ ٻئي مريض کي لڳائي ان جي به حياتي بچائي وئي.

ياد رهي ته ڊاڪٽر جي وصيت هئي ته موت کانپوءِ سندس گڙدا عطيو ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.