شريف خاندان جو پنهنجي شگر ملن مان کنڊ 70 رپيا ڪلو ڏيڻ جو فيصلو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) شريف خاندان پنهنجي ملڪيت هيٺ شگر ملن مان کنڊ 70 رپيا في ڪلو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن کنڊ جي قيمت ۾ لاٿ آڻي سگهجي.

اقتدار ۾ موجود شريف فيملي پنجاب ۾ کنڊ جي قيمت ۾ گهٽتائي لاءِ پنهنجي ملڪيت هيٺ شگر ملن مان کنڊ 70 رپيا في ڪلو گرام جي حساب ڏيڻ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ان حوالي سان پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز جي ٽيم شگر ملز ايسوسيئيشن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ حمزا شهباز جي ٽيم ۽ شگر ملز ايسوسيئيشن وچ ۾ کنڊ جي اگهه بابت ڳالهيون ٿيون.

ذريعن موجب وڏي وزير طرفان سڄي صوبي ۾ کنڊ 70 رپيا في ڪلو وڪرو ڪرڻ جي حتمي فيصلي لاءِ شگر ملز ايسوسيئيشن کي 24 ڪلاڪن جو وقت ڏنو ويو.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته عوام کي سستي کنڊ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.