چيلهه جي سور واريون دوائون کائيندڙ هوشيار!

 

چيلهه جو سور هڪ عام مرض آهي، جنهن مان ڇوٽڪاري لاءِ ماڻهو دوائون استعمال ڪن ٿا پر هاڻي انهن دوائن جا نقصان به سامهون اچي رهيا آهن.

عالمي ويب سائيٽ موجب سائنسدانن چيو آهي ته دوائون ۽ سوڄ ختم ڪندڙ دوا ڪجهه حالتن ۾ نقصان ڏئي سگهي ٿي ۽ پوءِ تڪليف ختم ٿيڻ بدران هميشه لاءِ ناسور بڻجي وڃي ٿي.

مڪ گل يونيورسٽي جي سائنسدانن ان ڏس ۾ چيلهه جي هيٺئين حصي جي سور ۾ مبتلا مريضن جو جينياتي جائزو ورتو آهي، ماهرن سڀ کان پهريان چيلهه جي سور مان ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙ مريضن جي جسم ۾ هر هنڌ موجود دفاعي نظام ۽ ان سان واڳيل خلين جو جائزو ورتو.

تحقيق ۾ چيو ويو ته پراڻي تڪليف ۾ مبتلا مريضن جي جسم ۾ به اهي جين غير سرگرم هئا، سائنسدانن تڪليف ۾ مبتلا ۽ ڇوٽڪارو ماڻيندڙ ماڻهن جي جين، امنياتي نظام، رت جي ڪيفيتن ۽ بائيو مارڪرز جو جائزو ورتو، انهن ۾ خلين کي نيوٽرو فيلس جو نالو ڏنو ويو هو.

پتو پيو ته اينٽي انفليمينٽري دوائون، جيڪي تڪليف ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿين ٿيون، اهي اصل ۾ جينياتي سطح تي تڪليف کي ڊگهي مدي تائين وڌائي سگهن ٿيون.

اهو ثابت ڪيو ويو ته تڪليف ختم ڪندڙ دوائون وقتي فائدو ڏئي چيلهه جو سور وڌائي سگهن ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.