دانيا جي ساهيڙي سميت ٻه ڇوڪريون عامر لياقت سان شادي لاءِ تيار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪر دانيا ملڪ جي ساهيڙي جو چوڻ آهي ته هو عامر لياقت حسين سان هر صورت شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

رپورٽن موجب هڪ انٽرويو ۾ عليزي، دانيا طرفان عامر لياقت تي لڳايل الزام رد ڪندي چيو ته عامر لياقت حسين هڪ مذهبي اسڪالر آهي ۽ مان کيس پسند ڪريان ٿي.

هن چيو ته مان عامر لياقت سان هر صورت ۾ شادي لاءِ تيار آهيان.

ٻئي پاسي عامر لياقت به سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي دانيا ملڪ جي دوست عليزي جي شادي بابت خبر شيئر ڪئي آهي.

هوڏانهن هڪ ٻي عورت به عامر لياقت سان شادي جي منتظر آهي.

ڇوڪريءَ جو چوڻ آهي ته عامر لياقت چيو هو ته هو چار شاديون ڪندو ۽ هاڻي مون سان شادي ڪرڻ کانپوءِ سندس ٽارگيٽ پورو ٿي ويندو.

سندس چوڻ هو ته عامر لياقت جيئن چوندو تيئن ڪنديس، رڳو اچي ۽ مون سان شادي ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.