پشاور: ڪوچه رسالدار ڌماڪي جو ماسٽر مائينڊ ساٿي سوڌو مارجي ويو

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ڪوچه رسالدار ڌماڪي جو ماسٽر مائينڊ ساٿي سوڌو مارجي ويو.

سي ٽي ڊي موجب بشتخرا جي علائقي ولي آباد ۾ ڪارروائي دوران دهشتگردن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني ۽ سي ٽي ڊي اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران ڪوچه رسالدار ڌماڪي جو ماسٽر مائينڊ حسن شاهه ساٿي سميت مارجي ويو، دهشتگردن جو واسطو ڪالعدم تنظيم سان هو.

ياد رهي ته هلندڙ سال مارچ ۾ پشاور جي علائقي ڪوچه رسالدار جي مسجد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 62 ڄڻا شهيد ۽ 200 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.