نوجوانن ۾ هارٽ اٽيڪ ۽ دل جي وڌندڙ مرضن جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) طبي ماهرن نوجوانن ۾ هارٽ اٽيڪ ۽ دل جي وڌندڙ مرضن جا ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيا.

صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته تماڪ جو استعمال ڪنهن به صورت ۾ انساني صحت لاءِ خطرناڪ آهي، جيئن ته اڄڪلهه ننڍي عمر جي ڇوڪرن ۾ گٽڪي ۽ پان جهڙيون نقصانڪار شيون کائڻ جي عادت عام آهي ۽ اهي ننڍي عمر ۾ ئي دل جي مرضن جو شڪار ٿي رهيا اهن.

ماهرن جو خيال آهي ته تماڪ، شگر، هائپر ٽينشن، ڊيسلپي ڊيميا ۽ فيملي هسٽري اهي ڪارڻ آهن، جن سان دل جي بيماري ٿي سگهي ٿي.

دل جي مرضن جي ماهر پروفيسر جاويد اڪبر سيال موجب نوجوانن ۾ ذهني دٻاءُ هائپر ٽينشن جو سبب بڻجي رهيو آهي، جنهن سان اهي هارٽ اٽيڪ جو شڪار ٿي وڃن ٿا.

آمريڪا مان آيل دل جي مرضن جي ناليواري ڊاڪٽر طارق شهاب جو ان حوالي سان چوڻ هو ته رڳو پاڪستان ۾ ئي نه پر سڄي دنيا ۾ صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي آهي، ڇو ته نوجوانن ۾ دل جي بيماري وڌي رهي آهي، تنهن ڪري ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ننڍپڻ کان ئي ڪوليسٽرول جي سطح کي چيڪ ڪيو وڃي.

ماهر دل جي مرضن کان بچڻ لاءِ گهر ۾ ٺهيل تازا جوس استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏيندا آهن، گڏوگڏ انهن جو چوڻ آهي ته وزن قابو ۾ رکڻ لاءِ جنڪ فوڊ کائڻ کان پرهيز ڪئي وڃي ۽ استعمال ٿيل تيل به ٻيهر کاڌي ۾ نه وڌو وڃي.

ان کانسواءِ باقاعدگيءَ سان ورزش به توهان کي توهان جي مرضن کان محفوظ رکي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.