عمران خان پيٽرول تي غير قانوني سبسڊي ڏئي عوام سان دوکو ڪيو: مريم اورنگزيب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پنهنجي شڪست ڏسي پيٽرول تي غير قانوني سبسڊي ڏني.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن توهان حڪومت ڇڏي ته ڊالر 189 رپيا هو، اڄ جيڪا مهانگائي ٿي رهي آهي، ان جو ذميوار عمران خان آهي.

هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي تي صحيح عمران خان ڪري ويو، جڏهن توهان کي خبر پئي ته شڪست ٿي رهي آهي ته توهان پيٽرول تي غير قانوني سبسڊي ڏني، عمران خان غير قانوني سبسڊي ڏئي عوام سان دوکو ڪيو.

سندس چوڻ هو ته اسان عمران خان جي ڪيل معاشي تباهين کان عوام کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، مهانگائي جو ذميوار عمران خان آهي، هو پنهنجي نااهلي جو سوال 4 هفتا پراڻي حڪومت کان ڪري رهيو آهي.

مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته ٻين تي آڱر کڻندڙ پنهنجي جلسن ۾ شرڪت لاءِ ڪهڙي حيثيت سان خيبر پختونخواهه حڪومت جو هيلي ڪاپٽر استعمال ڪري رهيو آهي؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.