اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ڪارڪنن کي اڄ رات حڪومت خلاف احتجاج جي هدايت ڪري ڇڏي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت ڪڏهن به انهن ماڻهن کي جلسن، ڌرڻن ۽ ريلين کان نه روڪيو، ڇو ته اسان جمهوريت لاءِ پرعزم آهيون.
هن چيو ته مان اڄ سيالڪوٽ ۾ هوندس ۽ سڀني کان مطالبو ٿو ڪيان ته سومهڻي جي نماز کانپوءِ پنهنجي شهرن ۽ علائقن ۾ هن فاشسٽ امپورٽڊ حڪومت خلاف احتجاج ڪيو.
ہماری حکومت نےکبھی انکا کوئی جلسہ،دھرنا یا ریلی وغیرہ نہیں روکی کیونکہ ہم جمہوریت سےمخلص ہیں۔ میں آج سیالکوٹ میں ہوں گا اور اپنےتمام لوگوں کو ہدایات دے رہا ہوں کہ باہرنکلیں اور بعدازنمازِعشاءاپنےشہروں/علاقوں میں اس فسطائی امپورٹڈحکومت کیخلاف احتجاج کریں۔ #SialkotFightsBack
— Imran Khan (@ImranKhanPTI) May 14, 2022
سندس چوڻ هو ته جڏهن اهي ماڻهو اقتدار ۾ هئا ته انهن سپريم ڪورٽ تي حملو، ماڊل ٽائون ۾ قتل ڪيا ۽ ججن کي رشوت ڏني، نواز شريف پاڻ کي امير المومنين قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن اپوزيشن ۾ رهندي جمهوريت کي استعمال ۽ پامال ڪيو، جڏهن ته حڪومت ۾ رهندي سڀني جمهوري اصولن کي تباهه ڪيو پر هاڻ عوام ان خلاف اٿي بيٺو آهي.
عمران خان چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته مان اڄ سيالڪوٽ ويندس، امپورٽڊ حڪومت اسان جي قيادت ۽ ورڪرز سا جيڪو ڪيو، ان جي اميد نه هئي، ضمانت تي موجود ڏوهاري ٽولي ۽ ان جي لنڊن ۾ ويٺل سزا يافته مافيا سربراهه سدائين پنهنجي مخالفن خلاف فاشسٽ حڪمت عملي اختيار ڪئي.